جيش العدل ۽ القاعده کي آمريڪي ۽ اسرائيلي ايجنسين جي سرپرستي حاصل

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) بلوچ علائقي ۾ القاعده سان لاڳاپيل عسڪريت پسند گروپ خلاف ايران جي فضائي ڪارروائي پاڪستان جي  لاءِ هڪ مدد آهي، ڇو ته پاڪستان جو ملڪ جي ان پري واري حصي ۾ تمام گهٽ ڪنٽرول آهي، جيش العدل سني بلوچ گروپ جا عسڪريت پسند پاڪستاني فروسز به حملا ڪندا رهيا آهن، هي ۽ اهڙي طرح القاعده ۽ آءِ ايس ايس گروپس کي مبينا طور تي آمريڪي ۽ اسرائيلي ڳجهين ايجنسين جي سرپرستي حاصل آهي، هي گروهه عراق، شام افغانستان، پاڪستان ۽ وچ اوڀر ۽ آفريقا جي ڪيترن ٻين حصن ۾ سرگرم آهن، ايران ۽ پاڪستان ان پراڪسي جنگي گروپن جي ڪردار جي باري ۾ چڱي طرح ڄاڻين ٿا، پاڪستان ۽ ايران ان عسڪريت پسند گروهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ صفحي تي آهن جيڪي اولهه جي ايجنڊا جي تڪميل ڪري رهيا آهن، اولهه جون طاقتون خطي ۾ پنهنجي پراڪسيز جي ذريعي ايران کي فلسطيني مزاحمت جي حمايت ۽ اولهه ۽ اسرائيلي پاليسين جي مخالفت تي سزا ڏيڻ تي بضد آهن. پاڪستان جي ميڊيا ۽ مبصر ايراني آپريشن کي پاڪستان اندروني سياسي صورتحال جي پس منظر ۾ پاڪستاني فوج تي دٻاءُ وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، اوستائين جو سيد طلعت حسين جهڙا تجربيڪار صحافي پاڪستان کي ايران تي حملو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، طلعت حسين ايران خلاف اهڙي انتهائي زبان استعمال ڪري پنهنجي سني ناظرين جو اعتماد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ايران ۽ پاڪستان ٻئي شنگهائي ڪارپوريشن آرگنائزيشن جا ميمبر آهن ۽ ٻنهي جا گڏيل مفاد آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.