سيد جي فڪر جي خوبصورت فتح

تحرير: سراج ڪلھوڙو

مادر وطن سنڌ ۾ ڳچ صدين تائين لاڳيتو ھڪ ٻئي پٺيان ارغونن ترخانن ۽ مغلن جي رھزني جي وارداتن ۽ بدترين قومي غلاميءَ کان پوءِ  تجربي جي کوٽ ۽ کوڙ ڪوتاھين باوجود ڪلھوڙن ۽ انھن کانپوءِ ميرن پنھنجي وطن جون پاڻ واڳون سنڀاليون. جيتوڻيڪ سندن دور ڪو اھڙو نه ھيو جو ڪلھوڙن يا ميرن لاءِ اقتدار کي ڪنھن سھاني سيج سان تشبيهھ ڏئي سگهجي، جنھن تي ويھڻ کان پوءِ انھن لاءِ ھر مشڪل آسان ٿي وئي ھجي.

ڪلھوڙن جو ته پھريون دور ھڪ پاسي مغل سامراج توڙي سندن گماشتن ۽ ٻئي پاسي ايرانين افغانين وغيره جي ڪاھن ، سازشن ۽ مقامي راڄن سان جنگ جدل سان ڀريو پيو آهي ته پويون دور وري ذاتي ڦڏن فسادن ۽ ٽالپرن سان اٽڪاءُ وغيره سان ڏٽيل رھيو آھي جڏھن ته ٽالپرن يعني ميرن جو دور به لڳ ڀڳ ساڳين ڏچن سان  ٽٻاٽٻ ملي ٿو.

ميرن جي دور ۾ وري انگريزي آفت سموري برصغير کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي چڪي ھئي ، جيتوڻيڪ ھنن سنڌ سان سڌيون جنگيون مياڻي ۽ دٻي واريون ته گهڻو پوءِ ڪيون پر سنڌ تي سندن پير اڳ ئي نه رڳو پئجي چڪا ھئا پر ايترو بااثر ٿي چڪا ھئا جو سندن چالبازين ، مڪارين ، سازشن  جو نشانو  سڌي طرح  سنڌ بڻجندي رهي ھئي. مير رستم ۽ مير سهراب خان جي ذاتي اڻ بڻت ۾ به انگريزن جو وڏو ڪمال فتنه گيري وارو انداز ھيو ته سنڌ جي ٻين مامرن ۾ به سندن سڌي مداخلت نظر ايندي رھي ٿي . نه رڳو اھو پر ان دور ۾ تاريخ ۾ سکن جو جو نئون فتنو رنجيت سنگھ  جي روپ ۾ پھريون ڀيرو سامھون آيو جنھن سنڌ  جي انھن علائقن تي پنھنجي گرفت مضبوط ڪري خالصتاني پنجاب جي حڪومت قائم ڪري ڇڏي ھئي جيڪي راجه ڏاهر سومرن توڙي سمن ويندي ارغونن ترخانن جي دور ۾ به سنڌ جا علائقا سڏبا ھئا ته مغل دور ۾ به سندن سڃاڻپ سنڌيت واري ھئي. رنجيت سنگهھ جي وڌندڙ قبضه گيري ۽ جارحيت واري روش توڙي ميرن جي ذاتي رسي ڪشي ۽ افغانستان جي پٺاڻن توڙي قلات نوابن وغيره سان جنگاڻ وارن واقعن سان اھو دور به ٽٻ لڳو پيو آھي. ۽ نتيجي ۾ انگريزن جي بنهھ ننڍڙي لشڪر 1843ع ۾ سنڌ جي لشڪر تي غلبو پائيندي ھڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تائين سنڌ کي پنھنجي سڌيء غلاميءَ ھيٺ رکي ورتو ۽  سنڌ ان عرصي ۾ پنھنجي آزاديءَ لاءِ ڪا اثرائتي جدوجھد به نه ڪئي  . رڳو ايترو ٿيو ته نوي سالن جي ڊگهي غلاميءَ کان پوءِ سنڌ انگريز سرڪار جي ھندستاني سسٽم ۾ صوبائي حيثيت ۾ بحال ٿي ، ۽ ٻي عالمي جنگ جي نتيجي ۾ جڏھن انگريز برصغير مان ٽپڙ ويڙھڻ لڳا ته ويندي ويندي به سنڌ کي پنھنجي وفادارن يوپي ، سي پي ۽ پنجاب جي بگڙدلن حوالي ڪري ويا ۽ نتيجي طور اڄ سوڌو سنڌ ان نئين غلاميءَ مان ته پاڻ ڇڏائي نه سگهي آھي پر ھر ايندڙ ڏينھن سنڌ لاءِ وڌيڪ خطرناڪ اثر ڇڏيندو رھي ٿو جنھن ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم جو وجود به ڄڻ داءُ تي لڳل آھي.

اھڙي خطري کي محسوس ڪندي ڪيئي ورھيه اڳي سنڌ جي ھڪ سدا حيات ڪردار نارائڻ شيام بي اختياريءَ واري انداز ۾ ھيئن چيو ھو ته…….

الا ايئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته

ھئي سنڌ  ڌرتي ۽ سنڌ  وارن جي ٻولي.

اھڙي صورتحال سبب سڄي سنڌ جھڙوڪ اڄ به سڪتي ۾ آھي. ھر سوچيندڙ ذھن غير يقيني واري ڪيفيت جو شڪار آھي .

ڏٺو وڃي ته ارڙھن سئو ٽيتاليھن کانپوءِ سنڌ ۾ ڪيئي سنڌ وطن جا حلالي فرزند ڄمندا رھيا ۽ انھن ڌرتيءَ سان وفا ۽ حق سچ جي واٽ تي ھلندي انگريزن توڙي ان جي گماشتن جون سور سختيون سھڻ سان گڏ پنھنجي حياتين کي به ارپي ڇڏيو .

اھڙن عظيم ڪردارن ۾ سوين نه ڇا لکين ماڻھن جي ڳڻپ ڪري سگهجي ٿي.

پر انھن سمورن ڪردارن ۾ ھڪ نھايت ئي منفرد ۽ معتبر ڪردار آھي،  جنھن جي حياتيءَ تي نظر وجهبي ته پتو پوندو ته ان عظيم ڪردار پنھنجي رڳو پوڙھائپ نه ، رڳو جواني نه ،پر پنھنجو ٻالڪپڻو به ان راھ تي ھلندي قربان ڪري ڇڏيو.

اھو منفرد ڪردار ان ڪري به وڏي رتبي ۽ عظمت جو مالڪ آھي ته ھن ڪردار ئي سڀ کان پھرين سنڌ وطن جو نه رڳو جديد بنيادن تي تصور پيش ڪيو پر ان لاءِ پنھنجو نور نچوئي تاريخ جي بالاسار ھيٺ اچي ويل سنڌ جي عظمت وارين سچاين کي دنيا آڏو روشناس ڪرايو .

ان عظيم مفڪر ۽ سنڌ جي ھزارين سالن جي عظمت کي نروار ڪندڙ عظيم رھبر کي  سنڌ جو شعور سائين جي ايم سيد جي نالي سان سڃاڻي ٿو .سائين جي ايم سيد سنڌ جي نسلن ۾ قومي شعور جي آبياري ڪرڻ ڪرڻ شروع ڪري ڏني ھئي. ۽ ان جي پاداشت ۾ وقت جي حڪمرانن کيس طرحين طرحين سختيون اذيتون ڏيندا رھيا ۽ کيس مختلف وقتن تي قيد ڪندا ۽ رڪاوٽون کڙيون ڪندا رھيا پر ھن انگريزن کان وٺي ان جي مختلف رنگت وارن ڪارندن ۽ ڪمدارن سان مقابلو ڪندي سنڌ جي آزاديءَ ۽ عظمت واري مشن کي جاري رکيو.

سندس تقرير توڙي تحرير تي پابنديون مڙھجنديون رھيون. کيس يا جيل ۾ رکيو پئي ويو يا گهر تائين محدود ڪري نظر بند رکيو پيو ويو. سندس لکڻين اخباري بيانن تي بندش رھندي آئي . پريس تي سندس ڪتابن جي ڇپائي تي پابندي مڙهيل رھي . سندس ڪتابن کي ضبط ڪري پابندي مڙھجندي رھي . ساڻس تعلق رکندڙ ماڻھن کي تڪليفون ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو. ان باوجود سيد پنھنجي وطن جي آزاديءَ ۽ عظمت جو سڳو سوريندو رھيو.

سيد جهڙو پاڪدامن شخص ماضي جي ڳچ عرصي تائين دنيا جي گولي تي به شايد ٻيو ڪو نه ٿو سجهي، جيڪو هر ديو ۽ راڪاس سان پنھنجي سچائيءَ ايمانداريءَ ۽ بھترين خلق جي بنياد تي منھن مقابل ٿيو بيٺو هجي.

سيد جي فڪر جي خوبصورت فتح جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت آھي ته توھان ڪھڙي به فڪر سان وابسته ھجو پر سنڌ جي ڳالھه ڪرڻ سبب اوھان کي سيد جو ماڻهو چيو وڃي.

سيد جهڙو پاڪدامن شخص ماضي جي ڳچ عرصي تائين دنيا جي گولي تي به شايد ٻيو ڪو نه ٿو سجهي، جيڪو هر ديو ۽ راڪاس سان پنھنجي سچائيءَ ايمانداريءَ ۽ بھترين خلق جي بنياد تي منھن مقابل ٿيو بيٺو هجي.  سيد جي فڪر جي خوبصورت فتح جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت آھي ته توھان ڪھڙي به فڪر سان وابسته ھجو پر سنڌ جي ڳالھه ڪرڻ سبب اوھان کي سيد جو ماڻهو چيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.