فاضل راهوءَ جي سچي ۽ کري تاريخ

تحرير: عرفان منان

ھڪ ئي وقت اڳواڻ به ھيو ته ڪارڪن به ھيو،ان مان ئي سندس وڏ ماڻهپو ۽ پارٽيءَ سان سچائيءَ جي پرک پسجي سگھجي ٿي، هن ۾ ھڪ انقلابي سپاھيءَ جون سڀئي خوبيون موجود ھيون، هن پاڻ تي سونپيل ھر ذميواري سان پوري طرح نڀاءُ ڪيو. هو سادن ماڻھن جو سالار، اٻوجھن لاءِ  اجھو ۽ اوٽ ھيو، ھو اڪثر ماڻھن جي ڪکائن جھوپن ۾ لنگھي وڃي مسڪين ماڻھن جا ڏک، درد ۽ اھنج ٻڌندو ھو، ۽ انھن جي حل بابت  طور طريقا ۽ تدبيرون ٻڌائي برپا ڪيل ڏاڍ ۽ ظلم خلاف ويڙهه لاءِ  اتساھيندو ھيو.

پراڻا هاري اڳواڻ ۽ ڪارڪن اڪثر چوندا آهن ته شهيد فاضل راهو جو ڳالھائڻ عام ڳالھائڻ نه ھوندو هيو، سندس گفتار ۾ ھڪ قسم جي للڪار ھئي، سندس تقريرون وقت جي جنرلن، ڪرنلن، ويڪائو وڏيرن، جاگيردارن، ڀوتارن، ميرن، پيرن ۽ سرمائيدارن لاءِ  تلوار مثل هونديون ھيون، هن پنھنجي شوخ تقريرن ۽ انقلابي ويڙهه وسيلي قوم دشمن ٽولي جا ڪنڌ جهڪايا. شھيد عوام فاضل راھو سنڌ وطن ۽ محڪوم طبقي جي ڇوٽڪاري لاءِ  ظالم ۽ ڦورو طبقي جي خلاف انقلابي ويڙھ ڪئي، سندس شھادت مظلوم ماڻھن جي شھادت آھي، سندس شھادت سنڌ وطن جي شھادت آھي، فاضل جي شھادت انقلاب ۽ آزادي جي شھادت آھي، فاضل جيڪو ٻليدان ڏنو اھو پنھنجي ذات لاءِ  نه ھيو، فاضل جي شھادت قوم ۽ وطن جي آسودگي لاءِ  ھئي. سندس سياست سچ ۽ حق تي قائم ھئي، ھو سياست جي دنيا جو سمونڊ ھيو جيڪو جڏھن ڇوليون ھڻندو ھيو ته رھزنن کان ريھون نڪري وينديون ھيون، سندس ھڪلن سان جاگيردارن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي ڪوٽن جا دروازا لرزي ويندا ھيا. فاضل جو ڪردار ۽ سوچ زمانن تائين محڪومن لاءِ  مشعل راھ آھي، فاضل سچي ۽ کري تاريخ آھي جنهن تي ليڪ نٿي اچي سگهي. هو سنڌ جي ويجهي تاريخ جو تمام وڏو ماڻهو آهي جنهن جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪندي ڪندي پنهنجي سر جي به پرواهه نه ڪئي، هو موت جي ڪنهن به ڀيانڪ منظر کان ڪون ڊنو. هو بي ڊپو ٿي پورهيت طبقي جي آسودگي لاءِ  اڳيان اڳيان وڌندو رهيو، هن پنهنجي جان جوءِ جي جهانگين جي آسائش لاءِ  ارپي ڇڏي. هو جيلن جو فاتح هيو، هو کولين کي فتح ڪري آيو هيو، هو مقتل جي ميدان جو مٿير هيو جيڪو ڪڏي ڪاهي پيو ۽ سانگين جي سک لاءِ  سيس ڪپائي وريو. فاضل راھو ھارين جي خوشحالي لاءِ سوين سورج اڀارڻ نڪتو ھيو، ھو ھارين جو حقيقي اڳواڻ ھيو، ھو اھو صبوح ھيو جنھن جو سپنو جنگشاھي جي جوڌي رسول بخش پليجي ڏٺو ھيو.

اڄ فاضل راهو جهڙو نج ايماندار ۽ وفادار ماڻهو موجود ڪونهي،پر سندس سورهيائي ۽ ڪوپائتي واري سوچ سنڌ جي هيڻي هاريءَ جي من ۽ روحُ ۾ واسي ڪري ويهي رهي آهي، اهوئي سبب آهي جو اڄ جو هاڻي سجاڳ ٿي پنهنجي حقن خاطر ڪنهن به وڏي جاگيردار، ڀوتار ۽ سردار جي ڪوڙي خوف کان ڪونه ٿو ڊڄي. موجوده وقت ۾ جيڪو ڪروڌ، ڪاوڙ وڏيريڪي نظام خلاف آهي ان پويان به فاضل راهو جي ڪيل جدوجهد جا پڙاڏا آهن. اڄ جيترو غدارن وڏيرن خلاف ڳالهايو ۽ لکيو وڃي ٿو ان پويان به فاضل راهو جي ڪيل سياسي محنت ئي آهي.

ڀلي اڄ فاضل جهڙو مٿير مڙس عوامي تحريڪ، سنڌي هاري تحريڪ وٽ ڪونهي، نه ئي قائد انقلاب رسول بخش پليجي جهڙو انقلابي ڪردار عوامي تحريڪ وٽ آهي، پر ٻنهي انقلابي سرويچ ساٿين جي سياسي ۽ انقلابي سوچ عوامي تحريڪ وٽ موجود آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سوين محلاتي سازشن هوندي، ڪيئي ڪک ۾ خنجر لڳندي، هزارين بي وفائين باوجود اڄ به عوامي تحريڪ ان واٽ تي بيٺل آهي جتي اڳ ئي بيٺل هئي. هن وقت به مذڪوره تنظيم سڀ کان اول ٻانهن مٿي ڪري سياسي دانهن سان سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳي ۽ فڪري آزان ڪنن ۾ ڏئي کين متحد ۽ منظم ٿيڻ لاءِ پتوڙي رهي آهي.

عوامي تحريڪ اڄ به ماضي وانگي پنهنجي ٺوس ۽ چٽي جدوجهد سان اڳيان اڳيان آهي. ڪهڙي پارٽي آهي جيڪا سنڌ جي زمينن جي نيلامي لاءِ ملڪ جي مارشل لائي مائينڊ سيٽ خلاف سياسي دڳ تي پنهنجي جدوجهدن جا نشان ڇڏي رهي آهي، ڪهڙي پارٽي آهي جيڪا وسيلن جي ڦرلٽ لاءِ جنرلن، ڪرنلن ۽ انهن جي جوڙيوالن خلاف پنهنجي جدوجهد سان سنڌ ۽ سنڌي عوام جو موقف پيش ڪري رهي آهي. يقينن ان سموري هلچل جي پويان عوامي تحريڪ جي عوامي ۽ انقلابي جرنيل شهيد عوام محمد فاضل راهو جي بهادرانه جدوجهد، مڙس ٿي موت قبولڻ واري جرئت ۽ رسول بخش پليجي صاحب جو ڏاهپ ۽ دانش وارو نظريو آهي جنهن جي ڏڍ تي عوامي تحريڪ جي قيادت ۽ بي لوث ڪارڪن نج ۽ نڪور جدوجهدن،  جفاڪشن جي نئين سر سياسي تاريخ درج ڪري رهيا آهن.

شهيد فاضل راهو جي سالياني ياد جي موقعي تي کيس انقلابي ۽ آدرشي سلام پيش ڪجي ٿو، هو اهڙو اڳواڻ آهي جنهن جي ڏنل سياسي ڏسن ۽ ڪيل سچار سياست سنڌي قوم جي وجود کي سياسي طور آسودو ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.