دنيا جي ٻن وڏين طاقتن وچ ۾ تڪرار جو سبب بڻجندڙ تائيوان ھڪ ڀيرو ٻيھر دنيا جي ميڊيا جو موضوع بڻجي ويو آھي.ڇنڇر ڏينھن 13جنوري تي ٿيل صدارتي ۽ پارليماني چونڊن ۾چين تي سخت تنقيد ڪندڙ حڪمران جماعت جو اڳواڻ لاءِ چِنگ تاءِ، نئون صدر چونڊجي آيو آھي.
ياد رھي تھ چين تائيوان کي پنھنجو باغي صوبو سمجهي ٿو.چين تازي چونڊيل صدر کي ۽ ڊيموڪريٽڪ پروگريسو پارٽي جي اڳواڻ لاءِ چِنگ تاءِ، کي ھڪ ”علحدگيءَ پسند“ اڳواڻ قرار ڏئي ٿو.تائيوان ۾ صدارتي ۽ پارلياماني چونڊون مڪمل ٿي ويون آهن.جيتوڻيڪ چين خبردار ڪيو ھو تھ حڪمران جماعت جي اڳواڻ کي ووٽ نھ ڏنا وڃن،پر ان جو ڪو گھڻو اثر نھ ٿيو.پنھنجي ڪاميابي لاءِ چِنگ تاءِ، عوام جو ٿورو مڃيندي چيو آھي تھ عوام ھڪ ”نئون باب رقم ڪري ڇڏيو آھي“
ڪاميابي حاصل ڪندڙ لاءِ چِنگ تاءِ،ڇنڇر تي پنهنجي مخالف کي 9 لک کان وڌيڪ ووٽن تان شڪست ڏني. اپٻيٽ ۾ ٿيل صدارتي چونڊ جي نتيجن کي چين قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي،جڏھن تھ تائيوان جي پرڏيھي کاتي چين کي چيو آھي تھ اھو صدارتي چونڊون قبول ڪندي، حقيقت کي تسليم ڪري.بيان ۾ چيو ويو آھي تھ چين تائيوان تي دٻاءَ وجھڻ کان پاسوڪري، جئين لاڳاپن کي درست رخ م اڳيان وڌائي سگھجي.
تائيوان جي چونڊيل صدر 64 سالن جي تاءِ چِنگ، جو چوڻ آھي اسان ھنن نتيجن سان عالمي برادري کي ٻڌائي رھيا آھيون تھ جيڪڏھن چونڊون جمھوريت تحت ٿين تھ تائيوان جمھوريت سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي اڳيان وڌندو.ھن جو چوڻ آھي تھ تائيون جي عوام ٻاھرين قوتن پاران چونڊن تي اثر انداز ٿيڻ جون سموريون ڪوششن خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي آھي.
تائيوان جو ھاڻوڪو صدروليم لاءِ چِنگ تاءِ، ھن کان اڳ نائب صدر ھو .جڏھن تھ صدارت جي عھدي تي خاتون اڳواڻ ساءِ انگ وين، ھئي.جيڪا ٻھ ڀيرا صدارتي عھدي تي فائز رھي آھي.
ٻي پاسي،چين تائيوان جي چونڊن بابت آمريڪا جي تبصرن تي ”سخت افسوس“ ظاھر ڪيو آھي.جڏھن تھ واشنگٽن طرفان آزادي جي حامي اڳواڻ لاءِ چنگ تاءِ، کي خودمختيار ٻيٽ جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني وئي آھي.
پرڏيهي خابرو اداري ”اي ايف پي“ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لاءِ چنگ، چونڊن ۾ پنهنجي مخالف کي 9 لک کان وڌيڪ ووٽن تان شڪست ڏني.
لاءِ چنگ، پنهنجي صدارتي چونڊ مهم، چين جي سخت سفارتي دٻاءُ ۽ چيني جنگي جهازن جي لڳ ڀڳ روزاني حملي جي وچ ۾ ھلائي ھئي.
چين چيو آھي تھ ،اھو تائيوان کي پنهنجي سرزمين جو حصو سمجهي ٿو ۽ اپٻيٽ تي قبضي ڪرڻ لاءِ طاقت استعمال ڪرڻ جي امڪان کي رد نه ڪيو آهي.
آمريڪا، لاءِ چنگ، کي سندس فتح تي مبارڪباد ڏني آھي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ان تي ردعمل ڏيندي چيو آھي تھ آمريڪا جو بيان ‘تائيوان جي آزادي’ عليحدگي پسند قوتن کي هڪ سنگين غلط اشارو ڏئي ٿو.
ترجمان چيو ته اسان ان بيان جي سخت مذمت ڪريون ٿا ۽ ان کي سختي سان رد ڪريون ٿا.چيني ترجمان وڌيڪ چيو ته واشنگٽن جو بيان ”ون چائنا اصول جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.
"اسان آمريڪا تي زور ڀريون ٿا ته تائيوان سان پنهنجي رسمي ڳالهه ٻولهه بند ڪري ۽ ‘تائيوان جي آزادي’ عليحدگي پسند قوتن کي غلط سگنل ڏيڻ بند ڪري،”