صدر زرداري ايوان صدر ۾ خاموش ناهي ويٺو، ايران ۽ چين جي دورن سميت وڏي پيڪيج جي تياري

اسلام آباد /لاهور( امداد سومرو)صدر آصف علي زرداري ايوان صدر ۾ خاموش ناهي ويٺو، پر هو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ پردي پٺيان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي پکڙيل افواهه بي بنياد لڳي رهيا آهن، صدر زرداري جو چين ۽ ايران سميت ڪيترن ئي ملڪن جو دورو شيڊول ڪيو پيو وڃي.صدر زرداري جي چين جي دوري جون تياريون هلي رهيون آهن. هي دورو رڳو رسمي نه هوندو پر صدر زرداري  هڪ مڪمل "پيڪيج” سان چين ويندو، جنهن ۾ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI)، صحت ۽ تعليم جهڙن شعبن ۾ تعاون شامل هوندو. صدر زرداري جو مڃڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان چين جي کاڌ خوراڪ جي  ضرورتن جو رڳو 10 کان 15 سيڪڙو حصو به پورو ڪري ته ملڪ جا معاشي مسئلا ختم ٿي سگهن ٿا. ان لاءِ هو جديد ٽيڪنالاجي ۽ "ڪينال لائيننگ” ذريعي پاڻي بچائڻ واري منصوبي تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيو آهي،جڏهن ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ جو خطرو گهٽجڻ يا امن معاهدو ٿيڻ بعد صدر زرداري ايران جو اهم دورو ڪندو. صدر زرداري جي ايراني قيادت سان پراڻا ۽ مضبوط لاڳاپا آهن. ياد رهي ته گذريل دور ۾ هن آمريڪي دٻاءُ جي باوجود ايران سان گئس پائپ لائن جو معاهدو ڪيو هو. هاڻي جيڪڏهن ايران تان پابنديون هٽن ٿيون ته پاڪستان ايران سان توانائي ۽ واپار جا معاهدا وڌائيندو، جنهن سان خطي جي صورتحال مڪمل تبديل ٿي ويندي،جڏهن ته خطي ۾ امن قائم ٿيڻ بعد ڀارت پاڪستان سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندو. جيڪڏهن ڀارت کي ايران مان سستي توانائي گهرجي ته کيس پاڪستاني گئس پائپ لائن جو حصو ٿيڻو پوندو. اڳتي هلي خطي جي طاقت جو توازن بدلجندو، جنهن ۾ ايران، چين ۽ پاڪستان اهم قوتن طور اڀرندا.صدر زرداري اسلام آباد مان ڪيڏانهن به ناهي ويو، پر هو پرڏيهي وزارت ذريعي چين ۽ ٻين 10 کان 12 ملڪن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ته جيئن عالمي سطح تي پاڪستان جي مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.