صدر زرداري جي صحت بابت افواهه ڪوڙا آهن: سليم مانڊوي والا

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پ پ سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته  تازو ئي پيٽروليم ليوي ۽ ٻيا جيڪي فيصلا سامهون آيا آهن، ان دوران ايف بي آر  جي ٽارگيٽ جو به ذڪر ٿيو ته اهو پورو ناهي ٿي سگهيو، جنهن ڪري عوام تي بار وڌي رهيو آهي. هن چيو ته  اسان کي سخت قدم  کڻڻا پوندا، ڇو ته هي تمام ڏکيو وقت آهي. هاڻي ائين نه هلندو، توهان کي فيصلا جلدي ۽ فوري طور ڪرڻا پوندا. اسان جي عادت اها آهي ته جيستائين مٿي تي ڪا شيءِ نه ڪرندي آهي، تيستائين اسان کي هوش ناهي ايندو. جيڪڏهن اسان ڪجهه سال اڳ ئي گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن کي اليڪٽرڪ(اي وي) تي منتقل ڪرڻ شروع ڪريون ها، اتي پئسا خرچ ڪريون ها ۽ سبسڊي ڏيون ها، ته اڄ اسان ايتري ڏکيائي ۾ نه هجون ها. پ پ جي خدشن بابت سوال تي هن چيو ته مسئلو منهنجي حمايت جو ناهي، مسئلو  احساس  جو آهي. جيستائين اسان کي اها خبر نه پوندي ته ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ ڇا آهي، صدر آصف علي زرداري جي صحت بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن بابت سليم مانڊوي والا چيو ته  مون ان جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. توهان اڳ ۾ به ڏٺو هوندو ته ڪنهن صحافي هڪ بيان ڏنو ۽ پوءِ ان تي تبصرا شروع ٿي ويا. ماڻهن کي اهڙن تبصرن جو وڏو شوق آهي، ميڊيا کي اهڙي پروپئگنڊا کي هٿي نه ڏيڻ گهرجي. جيڪو به ائين ڪري رهيو آهي، اهو تمام غلط ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.