لنڊن(ثقلين امام)ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري تازي ڇڪتاڻ ۽ ٻن هفتن جي عارضي جنگ بندي هن وقت هڪ اهڙي پراسرار ۽ غير يقيني صورتحال ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن جو مثال ماضيءَ ۾ نٿو ملي. ٽرمپ ڪنهن به گڏيل مشوري يا سفارتي ضابطي کي پاسي تي رکندي، هن جنگ بندي ۾ هڪ طرفي طور تي اڻڄاتل مدي تائين واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هڪ طرف آمريڪا جنگ بندي جي ڳالهه ڪري ٿو، ٻئي طرف ان جي نيوي ايران جي سامونڊي واپار ۽ جهازن جي اچ وڃ کي روڪيو بيٺي آهي. هي بحري ناڪابندي دراصل ٽرمپ جي ان بنيادي سوچ جو حصو آهي، جنهن تحت هو سڌي ريت وڏي پئماني تي جنگ ڇيڙڻ کانسواءِ ايران تي اهڙو معاشي ۽ فوجي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿو ته هو پاڻ سمجهوتي تي مجبور ٿي وڃي.ٽرمپ پاران جنگ بندي جي هڪ طرفي واڌ ان حقيقت کي ظاهر ڪري ٿي ته آمريڪا جنگ جي ميدان کي "فروز” (منجمد) رکڻ چاهي ٿو ته جيئن هو پنهنجي مرضيءَ جا نتيجا حاصل ڪري سگهي. ايران هن واڌ کي تسليم ناهي ڪيو، جنهن سان ٻنهي ملڪن ۾ بي اعتمادي وڌي وئي آهي. صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بنائيندڙ عنصر اهو "نيول بلاڪيڊ” آهي جيڪو آمريڪا اپريل جي شروعات کان لڳائي رکيو آهي. ايران جو موقف آهي ته نيول بلاڪيڊ پاڻ هڪ "ايڪٽ آف وار” (جنگي ڪارروائي) آهي، تنهنڪري ان جي موجودگي ۾ جنگ بندي جو تصور نٿو ڪري سگهجي.آمريڪي حڪمت عملي جو سڀ کان گهرو پهلو ايران کي "ڪوريائي ماڊل” تي آڻڻ جي ڪوشش آهي. آمريڪا ايران سان اهو ئي ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو هن 1950ع جي ڏهاڪي ۾ اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا جي جنگ وقت ڪيو هو. ڪوريا ۾ جنگ بندي ته ٿي پر اڄ ڏينهن تائين ڪو مستقل امن معاهدو نه ٿي سگهيو آهي. اتي رڳو عارضي جنگ بندي ۾ واڌ ڪئي ويندي آهي ۽ دشمني برقرار رکي ويندي آهي. آمريڪا چاهي ٿو ته نار فارس ۾ به ڪنهن تحريري معاهدي کانسواءِ دشمني جاري رهي، معاشي پابنديون ۽ ناڪابندي قائم رهي ته جيئن خطي ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي جو جواز ملي سگهي. هي بحران وڌيو ته تيل جي قيمتن ۾ معمولي واڌ به عالمي منڊين ۾ مهانگائي جو طوفان آڻي سگهي ٿي، جنهن سان آمريڪي ڊالر ۽ معيشت به تباهه ٿي ويندي. ٽرمپ جي امن پسندي جي پويان اصل سبب آمريڪي فوج جي ڪمزور ٿيندڙ حالت آهي. پينٽاگون ۽ سي ايس آءِ ايس جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته گذريل ستن هفتن جي ويڙهه ۾ آمريڪا پنهنجي ميزائلن جو وڏو ذخيرو استعمال ڪري چڪو آهي. ٽرمپ جي تاريخ گواهي آهي ته هو معاهدا ٽوڙڻ ۽ اوچتو حملا ڪرڻ ۾ ماهر آهي. هي هڪ طرفي واڌ اصل ۾ ڪنهن وڏي حملي لاءِ وقت حاصل ڪرڻ جو بهانو آهي. جيڪڏهن ايران هن ڪوريائي ڄار کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته 2026ع جو هي سال نه صرف وچ اوڀر پر عالمي معيشت جي مستقبل لاءِ فيصله ڪن ثابت ٿيندو. هاڻي هي رڳو ٻن ملڪن جي جنگ ناهي رهي، پر عالمي بقا جي جنگ بڻجي چڪي آهي.