لوڊشيڊنگ دوران سولر پينل جي قيمتن ۾ وڏو اضافو

ڪراچي (رپورٽر) بجلي جي ڳرن بلن ۽ لوڊشيڊنگ کان تنگ شهري سولر پينل جو رخ ڪرڻ لڳا، مارڪيٽ ۾ وڌندڙ قيمتون سندن لاءِ نيون ڏکيائيون پيدا ٿيڻ لڳيون، ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ کان متاثر شهري جڏهن سولر پينلز خريد ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ پهتا ته دڪاندارن طرفان قيمتن ۾  من ماني واڌ سامهون آئي، جنهن سبب سولر سسٽم، جيڪو اڳ رليف سمجهيو ويندو هو، هاڻي عام ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي، مارڪيٽ ذريعن موجب 585 واٽ جي سولر پليٽ جي قيمت ۾ اوچتو لڳ ڀڳ ساڍا اٺ هزار رپيا واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت لڳ ڀڳ 25 هزار رپين تائين پهچي وئي آهي، جنهن تي صارفين حيران ٿي ويا، دڪاندارن جو چوڻ آهي ته گرمي جي موسم ۾ گهرج وڌڻ سبب قيمتون وڌيون آهن، ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن مارڪيٽ کي ضابطي ۾ نه آندو ويو ته متبادل توانائي حاصل ڪرڻ عام ماڻهو لاءِ وڌيڪ ڏکيو ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.