قمبر (ن ع آ) جمعيت علماءِ اسلام جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو صوبائي صدر عبدالقيوم هاليجوي سان گڏجي نورنگ واھ ڀرسان حافظ عذير گل جاگيراڻي جي مدرسي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي هر ٻرندڙ مسئلن تي جي يو آءِ جدوجهد ڪئي آهي، امن امان جي صورتحال تي حڪومت مٿان دٻاءُ وجهڻ هجي قبيلائي جهيڙن کي نبيرڻ لاءِ سنڌ جي وڏيرن ۽ ڀوتارن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي يو آءِ سدائين پيش پيش رهي آهي، هن چيو ته سنڌ جا حڪمران عوام دشمن پاليسين تي عمل پيرا آهن، جنهن سبب سنڌ جي عوام کي نه ڪمند جي اگهن ۾ فائدو رسيو آهي ۽ نه وري ڪڻڪ جي خريداري آبادگارن کان ڪئي پئي وڃي، گذريل سالن ۾ ستر اربين رپين جي ڪرپشن جو اسڪينڊل سامهون اچڻ باوجود ملوث ماڻهو خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه آندي وئي آهي.