پوليس تشدد ۾ نوجوان جي موت جو ڪيس داخل، 4 پوليس عملدار معطل

نوابشاهه (عوامي آواز رپورٽ) نوابشاهه ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ مبينا طور پوليس تشدد ۾ نوجوان ارشد ڀٽي جي قتل خلاف ڌرڻو هنيو ويو، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار معاملي جو نوٽيس ورتو، واقعي جي رپورٽ ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد کان گهري وئي، صوبائي  گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جي شفاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته نوجوان جي وارثن شهرين پاران هنيل ڌرڻي ۾ پ پ اڳواڻ پهتا، هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته پيپلزپارٽي قيادت واقعي جو نوٽيس ورتو آهي، نوجوان جي وارثن سان انصاف ٿيندو، جڏهن ته معاملي ۾ ٻن ايس ايڇ اوز ۽ ٻن پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڪيس داخل ڪرڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، صوبائي گهرو وزير نوٽيس ورتو آهي، اسان کي انصاف جي اميد آهي، هنن چيو ته بيگناهه نوجوان ارشد ڀٽي کي قتل ڪيو ويو آهي، اسان کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته پوليس عملدارن کي معطل ڪيو ويو آهي، انهن جي نوڪري ختم ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.