مرتضيٰ جتوئي ڌمڪيون نه ڏئي:ضيا لنجار

ڪراچي (عوامي آواز نيوز)صوبائي گهرو وزير ضيا لنجار مورو واقعي جي جوابدارن کي معاف ڪرڻ بزدلي آهي ته اها بزدلي مون ڪئي آهي،ڪجهه جائز ۽ ڪجهه ناجائز گرفتار هئا،ميڙ منٿن ڪري مون سڀني کي معاف ڪيو آهي،ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اهو منهنجو ذاتي اشو هو،علائقي جون نياڻيون ۽ والدين مسلسل مون وٽ اچي رهيا هئا،گرفتار ٿيل جوابدار 8 مهينن کان جيلن ۾ هئا،انهن جي ضمانت به ٿي رهي هئي،هن چيو ته مرتضيٰ جتوئي کي  ڌمڪيون نه ڏئي،ان قسم جون ڌمڪيون هڪ سياستدان کي نٿيون سونهين،هن چيو ته مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس اتحادي دعويٰ ڪن ٿا ته اسان خانداني آهيون مون کي هڪ انسان جي حيثيت سان خبر ناهي ته خاندان ڪير آهي ۽ خانداني ڪير آهي؟خانداني هئڻ جو معيار ڇا آهي؟هن چيو ته موري ۾ منهنجو گهر ساڙڻ ۾ ڀڀڪيون هڻندڙ مخالف سياستدان ملوث آهن،انهن جو ئي هٿ آهي،منهنجي علائقي موري کي هر ڪنهن ميدان جنگ بڻائي ڇڏيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.