اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سندس پارٽي سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪندي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اسان سمجهون ٿا ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان عوام جا حق متاثر ٿيا آهن، سپريم ڪورٽ جو فيصلو حتمي آهي ۽ ان تي عمل ڪنداسين. هن چيو ته بيٽ جو نشان نه ڏيڻ سان جمهوريت کي نقصان پهتو آهي، پي ٽي آءِ باني عمران خان کي به بيٽ جو نشان نه ملڻ تي ڏک ٿيو پر هو سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪندو. نشان نه ملڻ سان هارس ٽريڊنگ جو در کلندو.