جسقم آريسر جو مرڪزي اڳواڻ ارباب ڀيل کنڀجي ويو، پوليس لاتعلق بڻيل، مظاهرا

ڪراچي/ حيدرآباد / سکر (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر جو مرڪزي اڳواڻ ارباب ڀيل کنڀجي ويو، پوليس ارباب ڀيل جي گرفتاري کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي، گذريل رات دير سان قاسم آباد جي  نسيم نگر واري علائقي مان کنڀي گم ڪيل ارباب ڀيل جي جبري گمشدگي خلاف جسقم ڪارڪنن نسيم نگر چوڪ تي نامياري اديب تاج جويو، سرمد ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، اڳواڻن چيو ته جسقم آريسر جي مرڪزي اڳواڻ ارباب ڀيل کي سادا ڪپڙا پهريل ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ سوار اهلڪار گذريل رات دير سان نسيم نگر واري علائقي مان زبردستي گرفتار ڪري کڻي ويا آهن پر سندس گرفتاري ظاهر نه پئي ڪئي وڃي، حد جي پوليس گرفتاري کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ مان قومي ڪارڪنن کي جبري گم ڪرڻ جو سلسلو رڪجي ناهي سگهيو، ڪيترائي قومي ڪارڪن اڄ به گم ڪيل آهن، سندن وارث پنهنجن پيارن جي گمشدگين تي گهڻي پريشاني ۾ مبتلا آهن، ارباب ڀيل پرامن قومي ڪارڪن آهي کيس کنڀي گم ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ مطالبو ڪيون ٿا ته گم ڪيل ارباب ڀيل سميت سمورن جبري گم ڪيل ماڻهن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي، ٻئي پاسي قومپرست اڳواڻ ارباب ڀيل جي جبري گمشدگي خلاف حيدرآباد، ڪوٽڙي، ميرپور بٺورو ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪوٽڙي ۾ قومپرست اڳواڻ ارباب ڀيل جي جبري گمشدگي خلاف جسقم آريسر اڳواڻ عبدالفتاح چنا، علي رضا لاشاري راشد ڪلهوڙو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻٻر اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميرپوربٺورو ۾ گذريل رات نسيم نگر چوڪ حيدرآباد مان کنڀي گم ڪيل جسقم آريسر جي مرڪزي اڳوڻ ارباب ڀيل جي گمشدگي خلاف جسقم آريسر جي مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جسقم آريسر جي مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري چيو ته جسقم جي اڳوڻي مرڪزي قائم مقام چيئرمين ارباب ڀيل کي نسيم نگر چوڪ حيدرآباد مان دوستن سميت کنڀو ويو جن مان ارباب ڀيل کانسواءِ ان جي چئن دوستن کي  رستي تي ڦٽو ڪيو ويو آهي، ارباب ڀيل کي فوري آزاد ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.