چونڊ نشان کسڻ سان اسان جو حوصلو ڪمزور نه ٿيندو: زرتاج گل

پشاور (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زرتاج گل چيو آهي ته چونڊ نشان کسڻ  سان اسان جو حوصلو ڪمزور نه ٿيندو. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زرتاج گل چيو ته هن ڊگهي جدوجهد ۽ بربريت کي منهن ڏنو آهي. هن چيو ته اسان جي سڃاڻپ بيٽ جو نشان کسيو ويو، مون کي بينچ جو نشان ڏنو ويو، منهنجي لاءِ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ ئي ڪافي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته چونڊ نشان هٽائڻ سندن آخري ڪوشش آهي، چونڊ نشان کسڻ سان اسان جو حوصلو ڪمزور نه ٿيندو. زرتاج گل چيو ته مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي روڊن تي گهليو ويو، اسان تي دهشت گردي کان وٺي غداري جا ڪيس داخل ڪيا ويا.

ظهور پيلس جي ورهاڱي لاءِ چوڌري شجاعت جو عدالت سان رابطو

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت گجرات ۾ ظهور پيلس  جي ورهاست لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو. چوڌري شجاعت جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي ۽ سندس ڀيڻون ظهور پيلس کي پرويز الاهي جي نالي ڪرڻ چاهين ٿا، هي ماڻهو مون کي ظهور پيلس مان غيرقانوني طور تي ڪڍڻ چاهين ٿا. ق ليگ جي سربراهه طرفان سول ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته ظهور پيلس جي ملڪيت ورهائي ڌرين کي ڏني وڃي. عدالت پرويز الاهي، قيصره الاهي، سميرا الاهي ۽ ڪشور سلطانه کي 19 جنوري تي طلب ڪري ورتو. عدالت گهرن جي اڏاوت ۽ موجوده صورتحال کي تبديل ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ چائلڊ ڪيئر کي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتين جي مشروط اجازت

ڪراچي  (م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سڄي سنڌ ۾ گريڊ 1 کان 15 تائين سرڪاري نوڪريون  ڏيڻ جي ڪيس ۾سنڌ چائلد ڪيئر کي ڪانٽريڪٽ تي ملازمن جي ڀرتين جي مشورط اجازت ڏئي ڇڏي، سيسي بئريسٽر صلاح الدين جي ذريعي ايم ڪيو ايم جي سول سوٽ جي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي، بئريسٽر صلاح الدين احمد موقف ڏيندي ٻڌيو ته ايم ڪيو ايم جي صوبي ۾مقررين تي پابندي بابت درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي، خارج ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم جو وڪيل فروغ نسيم پيش نه ٿيو. جونيئر وڪيل ٻڌايو ته فروغ نسيم سڀاڻي تائين موڪلن تي آهي، جسٽس ظفر راجپوت  رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان ايندڙ هفتي کان ڪيس جي باقائدي ٻڌڻي شروع ڪري رهيا آهيون.فروغ نسيم ايڊووڪيٽ پيش نه ٿو ٿئي ان جو ايسوسئيش ٻين ڌرين جا دليل نوٽ ڪري مختلف کاتن ۾ ملازمن جي مقررين جو معاملو آهي. هاڻي ڪيس هلائڻو پوندو. عدالت سنڌ چائلڊ ڪيئر کي  ڪانٽريڪٽ تي ملازمن جي ڀرتين جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت سنڌ چائلڊ هيلٿ ڪيئر تحت ٽن وڏين اسپتالن ۾200 کان وڌيڪ ملازمن جي ڀرتين جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت  محڪمانه ڊاڪٽرز  ۽ پيرا ميڊيڪل سٽاپ جي ڀرتين لاءِ اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي عدالت ڌرين کان 22 جنوري تائين دليل گهري ورتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.