ڪراچي، ڦورن جي فائرنگ ۾ شاگرد قتل، لاش رکي ڌرڻو

ڪراچي /حب (رپورٽر+ن ع آ) ڪراچي جي علائقي مواچ ڳوٺ ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ ڏهين جماعت جي شاگرد جي قتل خلاف وارثن ۽ علائقي  واسين طرفان ڌرڻو هنيو ويو، بلديه حب ريور روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ڪراچي۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ هڪ وڌيڪ شاگرد قتل ٿي ويو، مواچ ڳوٺ بسم الله ڪالوني ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ 17 ورهين جو نوجوان مزمل گولين جو نشانو بڻجي ويو، مقتول پنج ڀائر ڀينرن ۾ ٽئين نمبر تي هو، مقتول جي نمازي نماز مواچ ڳوٺ جي مقامي مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد وارثن لاش کڻي بلديه حب ريور روڊ تي مظاهرو ڪيو، احتجاج جي ڪري بلوچستان کان ڪراچي کي ملندڙ اهم شاهراهه تي ٽريفڪ بند ٿي وئي، ايس ايڇ او موچڪو عدنان موقعي تي پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، پوليس آفيسرن نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ته مواچ ڳوٺ ۾ تنگ گهٽيون هجڻ ڪري پوليس کي گشت ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، نوجوان جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.