سنڌ ۾ حملا آورن ۽ ڦورن کي مقامي ھيروز مٿان مٿرائپ ڏني وئي آھي: صفدر زيدي

 ڪراچي (م ڊ) سنڌ جا ماڻھو تاريخ ۾ ھميشه پرامن رھيا آھن، ڪٿي به ھنن جي جنگجو ھجڻ يا ڪاھ ڪرڻ جو ثبوت ناھي مليو. تاريخي ورثن ۾ ڪو به ھٿيار نه لڀڻ ان ڳالھ جو پختو ثبوت آھي. اھڙو اظھار ناول  نگار صفدر زيدي سندس ناول “بنت ڏاھر” تي پريس ڪلب ۾ ٿيل پينل گفتگو ۾ ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته دشمنن جو پاڻ ۾ عشق منھنجي ناول نگاري جي فن ۽ خواھش جو حصو آھن باقي تاريخدانن کي به تنقيد جو پورو حق آھي. ذاتي حوالي سان ھنن چيو ته ھو تمام گھري مطالعي کان پوءِ  رياست جي نام نھاد قومي ويڪائو اديبن جھڙوڪ نسيم  حجازي ۽ ٻين رياستي اديبن جي ڦھلايل ڪوڙ مان جان ڇڏائي ۽ منھنجي سامھون حقيقتون سامھون آيون ته بنت ڏاھر ناول لکيو. ھن وڌيڪ چيو ته حملا آورن ۽ لٽيرن کي ڪوڙن ليکڪن وسيلي مقامي ھيروز مٿان فوقيت ڏني وئي آھي. بنت ڏاھر ۾ جن تاريخي حقيقتن کي پيش ڪيو ويو اھي اصلي سنڌ جي عڪاسي ڪن ٿيون. سنڌ جي رواداري جي تاريخ کي ھڪ سازش تحت ختم ڪرڻ مسلسل ڪوششون ٿي رھيون آھي. سردارن ۽ ملائن کي ھڪ منصوبي تحت قائم رکيو ويو پيو وڃي پر سنڌ ھزارين سال پراڻي تاريخ ۽ روايتن سان قائم رھندي.ڊاڪٽر رياض شيخ، ڊاڪٽر اصغر دشتي، آسمه شيراز، سجاد ظھير، زبير بن خالد، علامه مومن خان نسيمه زاھد ۽ ٻين ناول جو تجزيو ڪندي چيو ته بنت ڏاھر ۾ تاريخي حقيقتن کي طاقتور تخليقي صلاحيتن سان ناول نگاري ڪئي وئي آھي. ليکڪ صفدر زيدي تاريخي حقيقتن جو گھرائي سان اڀياس ۽ مشاھدو ڪندڙ ناول نگار آھي. خيرپور لقمان ڄائي صفدر زيدي ھن وقت تائين ٽي ناول لکيا آھن ۽ کيس پڙھندڙ به جام مليا آھن. پروگرام ۾ اڪرم قائم خاني موھن لال، الاھي بخش مھر، مير پھوڙ، رميش راجا، عبدالله انيل ڪمار ۽ ٻين ڪيترن ئي نوجوان تاريخدانن، صحافين، اديبن، تجزيا نگارن ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.