فارم رد ٿيڻ خلاف ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي جي ٻه رڪني بينچ ۾ اڳوڻي  صوبائي گهرو وزير ذوالفقار مرزا ۽ سندس گهرواري ڊاڪٽر فهميده مرزا اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلي خلاف آئيني درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ايڊووڪيٽ شهباب سرڪي ۽ بيرسٽر ذوالفقارلانگا پيش ٿيو، عدالت شروعاتي دليل ٻڌڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي 17 جنوري جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا طرفان سندن پٽ حسنين مرزا درخواست داخل ڪرائي هئي، درخواست ۾ چيو ويو ته رٽرننگ آفيسر ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ھئ، .اليڪشن ٽربيونل به ريٽرننگ آفيسر جي درخواست تي فيصلو برقرار رکيو هو، بينڪ ڊفالٽر ھئڻ سبب ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا کي اليڪشن ۾ نااهل قرار ڏنو ويو آهي.

پارٽي سان وفادار رهنداسين: پي ٽي آءِ اميدوارن جو قرآن پاڪ تي حلف

ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف اميدوارن قرآن پاڪ تي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ پارٽي سان وفادار رهڻ جو حلف کڻي ورتو، ڪيترن ئي اميدوارن قرآن پاڪ تي هٿ رکي پارٽي  سان وفاداري جو حلف کنيو ۽ ڪارڪنن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ اميدوارن حلف جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي جاري ڪيون، پي ٽي آءِ اميدوارن چيو ته ڪارڪن ووٽ ڏين،حلف ٿا کڻون ته پي ٽي آءِ جو ساٿ نه ڇڏينداسين، پي ٽي آءِ اميدوارن مختلف هنڌن تي ڪارڪنن جي موجودگي ۾ قرآن پاڪ تي حلف ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.