اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته مون کي ڊونلڊ لو ۽ جنرل باجوا کي ايڪسپوز ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، سڀ ڪجهه لنڊن پلان تحت ٿي رهيو آهي، بلاول سان چونڊ اتحاد نٿو ٿي سگهي،ميڊيا سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته چيف جسٽس کي چوان ٿو ته قرآن پاڪ ۾ آهي ته دشمنن سان به ايتري نفرت نه ڪيو جو انصاف نه ڪري سگهو، بيٽ جي ڪيس لاءِ 5 رڪني بئنچ هجڻ گهرجي ها،هن چيو ته سڀ ڪجهه لنڊن پلان تحت ٿي رهيو آهي، عمران خان جو جيل ۾ هجڻ، پي ٽي آءِ جو خاتمو ۽ نواز شريف جو ڪيس معاف ٿيڻ لنڊن پلان جو حصو آهي، سڀ ڪجهه اهو ٻڌائڻ لاءِ ٿي رهيو آهي ته اهي قانون کان مٿانهان آهن. عمران خان چيو ته پارٽي ان ڪري ڪرش ٿي، ڇو ته عوام سان گڏ بيٺا آهيون، پي ٽي آءِ جون 850 ٽڪيٽون هيون پر مشاورت لاءِ رجسٽر به جيل اچڻ نه ڏنو ويو، هن چيو ته نوازشريف هميشه امپائرز کي گڏ ملائي کيڏندو آهي، گذريل ڏينهن ۾ هڪ امپائر نوبال ڏنو آهي، اڳڪٿي ڪريان ٿو ته هن سان تمام خراب ٿيڻ وارو آهي، نوازشريف جا ڪيس ختم ڪيا ويا، نوازشريف، آصف زرداري، مريم نواز توشا خانه مان بلٽ پروف گاڏيون ورتيون، انهن کان ڪير به نٿو پڇي،هن چيو ته سائفر جو اوپن ٽرائل ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي حقيقن جي خبر پئجي سگهي،هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جو جنازو نڪري چڪو آهي، افسوس ٿيو ته سپريم ڪورٽ به لنڊن ايگريمينٽ تحت هلي رهي آهي، پاڪستاني قوم رڍ ٻڪري ناهي، نوازشريف هينئر به ٻه امپائر بيهاريا آهن، هڪ امپائر نوبال ڏئي ڇڏيو آهي ٻئي امپائر جو نالو توهان ميڊيا تي نٿا هلائي سگهو