نئون ڪوٽ (رپورٽ زاھد مغل) اين اي 212 ميرپورخاص ٽو تي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھندڙ سيد علي نواز شاھ طرفان ورڪ مھم شروع ريلي جي صورت ۾ نئون ڪوٽ پھچڻ تي شاندار استقبال گلن جي ورکا ڪري ريلوي پليٽ فارم رضوي پبلڪ پارڪ جلسي واري پنڊال پھتو. ان موقعي تي اين اي 212 جي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھندڙ سيد علي نواز شاھه جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته عوام جي تڪليفن جي ڄاڻ آهي، وک وک تي استقبال مخالفن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن، اليڪشن توھان کي موقعو ڏنو آهي ته موقعي پرستن مان جان ڇڏايو. جن گذريل 15 سالن کان لٽ مار کان سواءِ ڪجهه ناهي ڪيو، سيد علي نواز شاھ جو روشن آباد انب موري ٽنڊو جان ڊگھڙي ۽ نئون ڪوٽ باءِ پاس ۽ ڳوٺ ڪيوڙو پتافي ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو.