پيپلز پارٽي هر صورتحال ۾ چونڊون چاهي ٿي:نثار کهڙو

ميروخان(ن ع آ)پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ 14 هين جنوري تي خيرپور ۾  جلسو ڪندو ۽ 15 جنوري تي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ميروخان جو دورو ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ايس 15 ميروخان ۾ مختلف ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪجهه به ٿئي پر 8 فيبروري تي چونڊون ٿيڻ گهرجن ۽ عوام کي فيصلو ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي حالتن جي پرواهه ناهي ڇاڪاڻ ته اسين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت باوجود به چونڊ مهم هلائي آهي ۽ هاڻي به صرف پيپلز پارٽي ئي چونڊن جي ميدان ۾ عوام جي وچ ۾ آهي ان لاءِ پيپلز پارٽي هر صورتحال ۾ چونڊون چاهي ٿي. هن چيو ته پيپلز پارٽي مخالف اتحاد ڀلي ڪيڏا به اتحاد ٺاهن پر اسان جو اتحاد عوام سان آهي ۽ اميد آهي ته عوام پيپلز پارٽي کي ئي ڪامياب ڪندو ۽ هن ڀيري پيپلز پارٽي سنڌ ته ڇا پر وفاق ۾ به حڪومت ٺاهيندي. مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن قيادت کان مطالبو ڪيو ته پيپلز پارٽي حڪومت جي جوڙجڪ ۾ نثار احمد کهڙو کي وڏو وزير بڻائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.