شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي ) شھدادڪوٽ ۾ پيپلزپارٽي کي سياسي جھٽڪو،2 سال اڳ پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪندڙ جي ڊي اي اڳواڻ مير مظفر بروھي پيپلز پارٽي کي الوداع ڪري وري ھڪ ڀيرو ٻيھر جي ڊي اي جي ٽڪيٽ تي پيپلز پارٽي جي اميدوار مير نادر مگسي سامهون چونڊ وڙھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، شھدادڪوٽ ۾ پنهنجي رھائش گاھ مينگل ھائوس تي ھڪ پرھجوم پريس ڪانفرنس ڪندي مير مظفر بروھي چيو ته تاريخ جي وڏي ۾ وڏي غلطي ھئي جو پيپلز پارٽي وارن تي اعتبار ڪري پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪري ڪبيرا گناھ ڪيو ھو، پر انهن جو مفادي چھرو چند مھينن ۾ ئي ظاهر ٿي پيو، وڌيڪ پيپلز پارٽي ۾ رھڻ سياسي نقصان ھو جنهن ڪري پيپلز پارٽي کي الوداع ٿو ڪيان،ھن چيو ته پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو مقصد عوامي مفادن خاطر ھو پر نتيجو نه ملڻ ڪري پيپلز پارٽي کان لاتعلقي ڪئي آهي وڌيڪ ھاڻي عوام جي عدالت ۾ پاڻ کي پيش ڪيان ٿو جتي يقين آهي ته جيڪو مون پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪرڻ وارو ڪبيرا گناھ ڪيو ھو اھو ضرور معاف ڪري ڇڏيندا،مير مظفر بروھي پيپلز پارٽي جي اميدوار مير نادر مگسي تي الزام ھنيو ته برساتي ٻوڏ دوران ھن ھٿ سان ڪٽ ھڻائي قبوسعيدخان ۽ شھدادڪوٽ شھر کي ٻوڙايو جنهن ۾ اربين روپيا نقصان ٿيو، ھن چيو ته نادر مگسي کان جان ڇڏائڻ جو ھاڻي سونھري موقعو آهي ته ھن اليڪشن ۾ ووٽ ذريعي کيس خارج ڪري ھميشھ لاءِ نجات حاصل ڪيون، پي ٽي آء اڳواڻ ميڊم ناھيد کھاوڙ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ متعلق جي ڊي اي اڳواڻن جون ڳالهيون ھلن پيون وڌيڪ جيڪو فيصلو ٿيندو قبول ھوندو.