کپري ۾ چونڊن مهم دوران پ پ ۽ جي ڊي اي اميدوارن آڏو عوام جون دانهون

کپرو (رپورٽ : اسلم بوزدار) عام چونڊون ويجهو ايندي ئي سياسي ميدان متل آهي، پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي اميدوارن ووٽ لاءِ عوام جو در  کڙڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 209 تي جي ڊي اي اميدوار محمد خان جوڻيجو جو فارم سکر جي عدالت ۾ مان فارم بحال ٿيڻ کانپوءِ صورتحال دلچسپ بڻجي وئي آهي. پيپلز پارٽي جي اميدوار شازيه عطا مري جو جي ڊي اي جي  محمد خان جوڻيجو سان ڪانٽي جو مقابلو ٿيندو جڏھن ته  صوبائي  سيٽ پي ايس 41 تي جي ڊي اي جي قاضي شمس الدين ھنڱورجو جو مقابلو پ پ جي ضلعي صدر علي حسن ھنڱورجو سان دنگل ٿيندو. پي ٽي آءِ پاران اين اي 209 تي حميده شاھه ۽ پي ايس 41 تي حاجي اسلم جٽ کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي جڏھن ته  ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ جا اميدوار به  ميدان تي لٿل آھن.  پيپلز پارٽي جي شازيه عطا مري ۽ علي حسن ھنڱورجو پنھنجن حلقن ۾ مهم تيز ڪري ڇڏي آهي جڏھن ته 2 ڏينهن اڳ سانگھڙ پيرومل ٻيراڻي ۾ شھيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو به  ورڪ لاءِ پهتل هئي، جڏھن ته جي ڊي اي اڳواڻن به پنهنجي حلقن ۾ چونڊ مهم جي شروعات ڪئي آهي. پ پ اڳواڻ عيني مري به ٽنڊوالھيار پھچي جيلاني جماعت جي پير ڇتن شاھ جيلاني سان ملاقت ڪئي، پير چتن شاهه بخاري کيس حمايت کي ووٽن جي خاطري ڪرائي جڏهن ته غوثيه جماعت جي مريدن جو به وڏو انگ انهن حلقن ۾ موجود آهي، پر اڃا تائين فيصلو ناھي ٿي سگھيو ته غوثيه جماعت پ پ يا جي ڊي اي جي حمايت ڪندي. هوڏانهن شازيه عطا مري جو پٽ اساما مري به چونڊن مهم لاءِ ميدان تي لٿل آهي. چونڊ مهم دوران ڳوٺاڻن ٻوڏ دوران امدادي راشن توڙي واهر نه ٿيڻ جون دانهون ڪيون،  ڳوٺاڻن چيو ته يوسي چيرمنن ۽ ڪامريڊن گڏجي امدادي سامان غريبن بدران من پسند ماڻھن ۾ کي ڏنو. اقليت برادري، روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل ھئي ڪنهن به سندن مدد نه ڪئي جڏھن ته  جي ڊي اي اڳواڻن تي به عوام ڪاوڙ نظر اچي رهيو آھي. ٻئي پاسي غوثيه جماعت پ پ جي اميدوارن جي حمايت ڪري ٿي ته پوءِ شازيه مري جي سوڀ جا چٽا امڪان آهن جيڪڏهن غوثيه جماعت جي ڊي اي جي حمايت  ڪئي ته شايد جي ڊي اي ڪجهه  کٽڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندي جڏهن ته ٻنهي پارٽين  جا اميدوار اليڪشن کٽڻ لاءِ پر عزم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.