ڪراچي ۾ ڦورن هٿان پٽ قتل، پيءُ زخمي

ڪراچي ( حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي شهر جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ پاور هائوس ويجهو هٿياربند ڦورن فائرنگ ڪري پيءُ سان گڏ شادي تقريب  ۾ ويندڙ 20 ورهين جي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جوابدارن 20 ورهين جي فيض محمد جي پيءُ جي ڪن ڀرسان گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته 20 ورهين جي نوجوان کي مٿي ۾ گوليون هڻي زخمي ڪيو ٻنهي کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي نوجوان فيض محمد سور نه سهندي فوت ٿي ويو پوليس جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال يارنهن ڏينهن ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن 4 شهرين کي ڦرلٽ ڪري قتل ڪري ڇڏيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.