صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد خالد پاران قطر اسپتال جو دورو،مريضن پاران پارڪنگ في جون دانهون

ڪراچي ( رپورٽر) صحت، سماجي ڀلائي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ رورل ڊولپمينٽ سنڌ جي نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد  نياز قطر اسپتال اورنگي ٽائون  ۾ مريضن سان ملاقات ڪئي ۽ اسپتال ۾ موجود علاج جي سهولتن بابت پڇيو. جنھن تي اسپتال ۾ داخل مريضن توڙي سندن وارثن ڪي ايم سي انتظاميا پاران اسپتال ٻاهران پارڪنگ في وٺڻ جي شڪايت ڪئي. نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز اسپتال ۾صفائي، سٿرائي جي صورتحال ۽ مريضن کي بهتر علاج جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪندي اسپتال کي هڪ لک رپيا نقد انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو.ان موقعي تي قطر اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر رشيد خانزاده اسپتال ۾ ڊاڪٽرن سميت پيرا ميڊيڪل اسٽاف بابت کوٽ جي شڪايت ڪندي نگران وزير کي آگاھي ڏيندي ٻڌايو تھ هن وقت اسپتال جي روزاني او پي ڊي 6500  آهي، ھن اسپتال جو ڪنهن به ميڊيڪل ڪاليج سان الحاق به ناهي جيڪا اداري سان وڏي ناانصافي آهي.

بئريسٽر علي ظفر پاران پي ٽي آءِ نظرياتي سان معاهدي جي تصديق

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر علي ظفر پاڪستان تحريڪ انصاف نظرياتي سان معاهدي جي تصديق ڪري ڇڏي.تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ علي ظفر جي جيو نيوز سان ڳالهه  ٻولهه. ڳالهه ٻولهه دوران بئريسٽر علي ظفر چيو ته اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف ۽ پي ٽي آءِ نظرياتي وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي.بئريسٽر علي ظفر وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ معاهدي تان هٽي ويا آهن، اسان کي هاڻي سپريم ڪورٽ مان اميد آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر کي ڪٽلي جو چونڊ نشان الاٽ

اسلام اباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي کي چونڊ نشان جو ڪٽلي الاٽ ڪيو ويو آهي.صحافي بئريسٽر گوهر خان کان سوال ڪيو ته ٻڌو آهي ته آراو توهان کي ڪٽلي جو چونڊ نشان الاٽ ڪيو ويو آهي جنهن جي جواب ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته مون کي هينئر خبر ملي آهي ته آر او مون کي ڪٽلي جو نشان الاٽ ڪري ڇڏيو آهي،خبر ناهي آر او ايئن ڇو ڪيو آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.