سمنڊ سنڌ جي 42 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي:ماحولياتي ماهر

حيدرآباد: ايڇ ايل ايف ۾ “ماحولياتي تبديلين” جي حوالي سان ويھڪ ٿي، جنھن جو ماڊريٽر جاويد سوز ھالائي ھو، جنھن ڳالھائيندي چيو تھ ماحولياتي تبديلون اھڙو موضوع آھي جنھن تي نھ حڪومتون ڳالھائڻ چاھينديون آھن ۽ نھ ئي عوام  ڳالھائي ٿو، پر اڄ جي دنيا جو سڀ کان وڏو مسئلو ماحولياتي تبديلون آھن، ان مسئلي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي. ان موقعي تي انجنيئر طارق اليگزينڊر ڳالهائيندي چيو ته موسمياتي تبديلين جو موضوع سنجيده موضوع آھي، اسان وٽ پاڻي جي کوٽ آهي، مٺو پاڻي ملي ئي نٿو، اسان درياهھ کي گند سان ڀري ڇڏيو آهي، ڊيلٽا کي هٿ سان تباهھ ڪيو ويو آهي، ڊيلٽا جي ماڻهن جي حالت ڏسي نٿي سگهجي، ڊيلٽا هاڻ پنهنجي وجود جي آخري حصي تائين وڃي پھتو آھي، ماحوليات جي بھتري جي لاءِ ڊيلٽا جو بچڻ ضروري آھي. ماحوليات جي ماھر ناصر پنهور چيو تھ اسان وٽ بنا ڪنهن رٿابندي جي شهري آبادي وڌي رهي آهي، ڪو بھ ماسٽر پلان موجود ناهي، شھري آبادين پاڻيءَ جون قدرتي گذر گاهون بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جي ڪري درياهھ ۾ ايندڙ ٻوڏ ھاڻ شهرن ۾ ڪاهي پئي آھي. ھن چيو تھ شهر پٿرن جو جهنگ بڻجي ويا آهن، گرمي پد ۾ هر سال اضافو ٿي رهيو آهي، سڄي دنيا ماحول دوست توانائي ڏانهن وڃي پئي، پر پاڪستان وري ماحول دشمن توانائي جي ذريعن کي هٿي ڏئي رهيو آهي. فشرفوڪ فورم جي اڳواڻ فاطمھ مجيد چيو تھ تمر جا ٻيلا مھاڻن جي لاءِ احترام لائق وڻ آھن، تمر جا ٻيلا سامونڊي پٽي جي ماڻھن جي لاءِ روزگار جو ذريعو پيدا ڪندا رھيا آھن، پر هاڻ تمر جا ٻيلا رهيا ناهن، تمر جا وڻ سمنڊ جي ڪٽاءُ کي روڪين ٿا، مڇين جي افزائش ڪن ٿا، سامونڊي طوفانن کي روڪيندا آهن. ھن چيو تھ تمر جو وڻ اتي وڌندو آهي جتي مٺو ۽ کارو پاڻي پاڻ ۾ گڏجي ٿو، پر ورھين کان درياھھ سڪيو پيو آھي، سمنڊ تائين مٺو پاڻي پھچڻ ئي نٿو ڏنو وڃي، سنڌو درياهه جيڪو هزارين ۽ لکين سالن چرپر جي نتيجي پنهنجو وجود ٺاهيو، ان درياهھ کي 70 سالن جي عرصي دوران تباهه ڪيو ويو، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ڊيم اڏي ڪئنال ڪڍي درياهھ کي سڪائي ڊيلٽا کي تباهه ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو، ھڪ اندازي موجب سمنڊ سنڌ جي 42 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، سڄي ڪراچي شهر جو گندو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي پيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.