جيئن نواز شريف اقتدار ۾ اچي پيو، مون کي ان سان اختلاف آهي: شاهد خاقان

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرسي کي ڪا به طاقت نه هوندي آهي ۽ آئون وزيراعظم نه هيس مون کي ملازمت ڏني وئي هئي.  لاهور جي الحمرا هال ۾ ٿنڪ فيسٽ 2024ع ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اخلاقي جرئت نه هجي ته سياستدانن کي سياست ڪرڻ جو ڪو فائدو نه آهي، جيئن نواز شريف اقتدار ۾ اچي رهيو آهي مون کي ان سان اختلاف آهي، نواز شريف اسٽيبلشمينٽ کانسواءِ 100 بدران 30 سيٽن تي اچي وڃي پر مورال ڊائون نه ڪري. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪرسي کي ڪا طاقت نه هوندي آهي، آئون وزيراعظم نه هيس پر مون کي ملازمت ڏني وئي هئي، پي ٽي آءِ چوري ۽ ن ليگ ڌاڙا هڻي اقتدار ۾ رهي آهي، ن ليگ سان گڏ آهيان، ان خلاف اليڪشن نه وڙهندس، آئون سياست نه ڇڏي آهي.

 ڪنهن جي ڪلهن تي ويهي اقتدار ۾ اچڻ ذهن نٿو قبولي:مهتاب عباسي

ايبٽ آباد (عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ ن جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير سردار مهتاب عباسيءَ  جو چوڻ آهي ته ڪنهن جي ڪلهن تي سوار ٿي  اقتدار ۾ اچڻ ذهن قبول نٿو ڪري، جڏهن ته نواز شريف  عمر جي اهڙي حصي ۾ آهي جو وڙهي نٿو سگهي جيستائين اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت بند نه ٿيندي ۽ حقيقي جمهوريت نه ايندي تيستائين ملڪ ترقي نه ڪندو، نامياري صحافي اعزاز سيد کي انٽرويو ڏيندي مهتاب عباسي چيو ته مسلم ليگ ن هاڻي اڳ واري نه رهي آهي جڏهن مرڪزي ڪميٽي جا اجلاس ٿيندا هئا، بحث مباحثي کانپوءِ  فيصلو ٿيندا هئا ۽ مستقبل جي رٿابندي ٿيندي هئي، هاڻي چار پنج اڳواڻ فيصلا ڪري رهيا آهن، ان ڪري سڄي عمر جو پورهيو بچائڻ خاطر پارٽي ڇڏڻ کي اوليت ڏني، نواز شريف پارٽيءَ  جي دٻاءَ ۾ اچي مصلحت کان ڪم وٺي  رهيو آهي. هڪ سوال تي مهتاب عباسي جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت ختم ٿيندي نظر نه ٿي اچي ان جا ذميوار سياستدان به آهن، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جڏهن کان نواز شريف واپس  آيو آهي تڏهن کان ملاقات نه ٿي آهي، جڏهن لنڊن هيو ته ساڻس وڃي ملاقات ڪئي هئي ان ملاقات کي به اٽڪل سال ٿي چڪو آهي، هن چيو ته ضياءُالحق کان به وڌيڪ آمر مشرف ملڪ کي نقصان پهچايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.