اسان کي لسانيت جي ڪري وڏو نقصان پهتو:احمد شاهه

حيدرآباد(رپورٽر) اطلاعات، سماجي  تحفظ ۽ اقليتي معاملن واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهھ سنڌ ميوزيم ۾ نائين حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ پنهنجي خطاب ۾ چيو تھ هو پاڪستان جي سمورين قومن سان محبت ڪندو آهي ۽ اسان کي لسانيت جي ڪري وڏو نقصان پهتو آهي، هاڻ اسان فيصلو ڪيو آهي تھ اسين پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جو اهتمام ڪنداسين. هن چيو تھ اسين محبتن جا امين آهيون ۽ هميشھ پنهنجين خدمتن وسيلي محبتون ورهايون آهن، ادب ۽ ثقافت انسان ۾ برداشت قوت پيدا ڪندي آهي. بعد ۾ صوبائي وزير اطلاعات محمد احمد شاه حيدرآباد پريس ڪلب جي نئين چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد ڏيڻ جي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب پھتو، جتي ھن ڳالھائيندي چيو تھ صحافين کي ايمرجنسي ٿيڻ جي صورت ۾ جلد مالي سهائتا لاءِ بھ ڪم ڪيو ويو آهي، جيڪا ميڊيڪل فنڊز کان علاوه هوندي. هڪ سوال تي هن اطلاعات کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تھ اهي جلد کان جلد ايڪريڊيٽيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي طلب ڪري صحافين کي ڪارڊ جاري ڪن. هڪ سوال تي هن چيو ته صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ تمام قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن اميد آهي تھ جلد مقتول جا قاتل جيل ۾ هوندا. ان موقعي تي ڊائريڪٽراطلاعات حيدرآباد ارشاد علي چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.