حيدرآباد ۾ مبينا مقابلو، 2 ڄڻا مارجي ويا، واقعي خلاف وارثن جو احتجاج، جاچ جو مطالبو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل مان وڌيڪ هڪ ڄڻي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي. جنھن بعد مقابلي ۾ مارجي ويلن جو انگ 2 ٿي ويو آهي. پوليس موجب مارجي ويل ڦورن جي سڃاڻپ  عمران پٽ ديدار چانڊيو ۽ علي حسن عرف دلبر پٽ يوسف ملڪ جي نالن سان ٿي آھي، پوليس موجب اقبال ۽ توصيف نالي ٻن ڄڻن کان ڦورو ڦر ڪري فرار ٿيا ته شھرين ۽ پوليس جوابدارن جو پيڇو ڪيو، فورٽ ٿاڻي جي حد ٻه قبر واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنھن ۾ ھڪ ڦورو مارجي ويو ۽ ٻيو سخت زخمي ٿي پيو، پوليس ڦورن وٽان پسٽل ھٿ ۽ سندن موٽرسائيڪل تحويل ۾ وٺڻ کانپوءِ مارجي ويل جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي سول اسپتال پھچايو، جتي زخمي ٿيل ٻيو ڄڻو بھ فوت ٿي ويو. مارجي ويل ٻئي جوابدار اڳ ۾ بھ ڦر لٽ جي وارداتن ۾ ملوث رھيا آھن. ٻئي پاسي حيدرآباد جي علائقي لالو لاشاري جي رھواسي ديدار علي چانڊيو ۽ ٻين پوليس مقابلي ۾ مبينا ڦورو ڄاڻائي ماريلن جا مڙھھ وارثن کي نھ ڏيڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامھون احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙن چيو تھ عمران چانڊيو، پنھنجي دوست دلبر پٺاڻ کي مڪي شاهھ ڇڏڻ وڃي رھيو ھو تھ سٽي پوليس مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جنھن ۾ عمران چانڊيو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن تھ سندس دوست زخمي ٿيڻ بعد سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. ھنن چيو تھ ھڪ رات ۽ ھڪ ڏينھن گذري ويو آھي، پر پوليس لاش اسان وارثن حوالي نھ پئي ڪري. ھنن مطالبو ڪيو تھ لاش وارثن حوالي ڪيا وڃن تھ جيئن وارث سندن تدفين ڪري سگهن. جڏھن ماءُ پيءُ ۽ ٻيا گھرڀاتي لاش حاصل ڪرڻ لاءِ ٿاڻي ۽ اسپتال جي مرده خاني جا چڪر ھڻي بيحال ٿي ويا آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.