اوٻاوڙو ويجهو لٺاڻي گينگ هٿان 3 ڀائر اغوا، مغوين جي وڊيو جاري، واقعي خلاف وارثن جو احتجاج

اوٻاوڙو (رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو ۽ ڀرپاسي بدامني تي ضابطو نه آيو، مريد شاخ جي کنڀڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ لشڪران دشتي تي لٺاڻي گينگ جي ھٿياربندن  ڪاهه ڪري ٽن سڳن ڀائرن کي اغوا ڪري ورتو. ڏوهارين محمديار، الھيار ۽ الھداد شتي کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا جڏھن ته ٽي ڏينھن اڳ مريد شاخ ۾ ڏينھن ڏٺي جو دڪاندارن کان ڦر دوران دشتي برادري جي ماڻھن ۽ پوليس بنو لٺاڻي مزاري ۽ فھد لاشاري کي ھٿيارن سميت گرفتار ڪري کين ھاف فرائي ڪيو ھو. ڏوھارين وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته دشتي برادري جا ٽي ماڻھون بنو لٺاڻي ۽ فھد لاشاري جي پلاند ۾ اغوا ڪيا آھن، جيڪڏهن پوليس اسان جا ٻئي ماڻھون آزاد ڪندي ته اسان ٽنهي مغوين ڇڏينداسين. ٻئي پاسي واقعي خلاف علائقي واسين احتجاجي مظاھرو ڪندي شھر ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪري سنڌ پنجاب روڊ بند ڪري ڇڏيو. جتي ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي ڊي ايس پي اوٻاوڙو مظاھرين وٽ پھچي مغوين جي وارثن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته ٻن ڏينھن اندر مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو. پوليس جي خاطري بعد وارثن ڌرڻو ختم ڪيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته لٺاڻي مزاري گينگ جي ھٿيار بندن حملو ڪري ھٿيارن جي زور تي اسان ماڻھون اغوا ڪيا آھن.  هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري نوجوانن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.