خانه بدوش قبيلن کي رياست پاران ڪا به سهولت ڏنل ناهي: خالد جوڳي

حيدرآباد: ايڇ ايل ايف ۾ “رولاڪ ڊائري” جي عنوان تي ويھڪ ٿي، جنھن جو ماڊريٽر ياسين جوڻيجو ھو. ان موقعي تي خالد جوڳي ڳالھائيندي  چيو ته سنڌ ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو جنون رهيو آهي، هن ڪتاب ۾ اهي شيون شامل آهن، جنهن ۾ اهي نوجوان جيڪي لکڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته مداري قبيلي پنهنجو مذهب تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جن کي مڇلا چيو ويندو آهي، جنهن لفظ کي اسان گار طور استعمال ڪريون ٿا. هن چيو ته مداري ۽ ڪبوترا قبيلا سميت ٻيا ڪيترائي اهڙا خانه بدوش قبيلا آهن، جن وٽ رياست جي ڪابه سهولت ڏنل ناهي، انهن وٽ شناختي ڪارڊ ناهن، ٻي ڪا سهولت ميسر ناهي. سينيئر صحافي نثار کوکر چيو ته هن وقت تحقيقي صحافت جي کوٽ آهي، اڳ ۾ ڪنهن واقعي جي گهرائي تائين پهچڻ صحافي لاءِ لازم هوندو هو، واقعي جي گهرائي تائين رسائي حقيقي صحافت آهي. هن چيو ته صحافت ۾ ڀوڳڻو ۽ رلڻو پوي ٿو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.