ڪراچي ۾ مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ چار ڄڻا فوت،5 زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ حادثن ۽ واقعن ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.  لياقت آباد ٿاڻي جي حد لياقت آباد نمبر 9 ۾ واقع اخوت اسلام مسجد ڀرسان ٻن ڌرين جي وچ ۾ جھيڙي ۾ فائرنگ جي دوران گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ 30 ورھين جو نوجوان زاھد ولد نور محمد قتل ٿي ويو. گڏاپ جي علائقي ۾ پھرين جنوري 2024 تي فائرنگ جي نتيجي ۾ شاھد علي ولد ھادي زخمي ٿي پيو. جنهن کي فوري طور تي طبي امداد جي لاء سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جيڪو علاج جي دوران 12 ڏينهن بعد فوت ٿي ويو آهي. اتحاد ٽائون ۾ 7 جنوري تي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل محمد امجد ولد ابراھيم خان سول اسپتال ۾ علاج جي دوران فوت ٿي ويو آهي. بلديا ٽائون جي علائقي مواڇ موڙ جي ڀرسان روڊ حادثي ۾ 14 سالن جو ياسر ولد ناصر فوت ٿي ويو آهي. وليڪا اسپتال ڀرسان فائرنگ ۾ نعمان ولد رمضان زخمي ٿي پيو. سعيد آباد ٿاڻي جي حد بلديا جي علائقي يوسف ڳوٺ 100 فٽ روڊ تي جھيڙي جي دوران ڏنڊن جي وارن سان ببل ولد جلال الدين, مير علي ولد ساجد حسين , ممتاز ولد شاھنواز ۽ جاويد ولد عبدالغني زخمي ٿي پيو. زخمين کي طبي امداد جي لاءِ مرشد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.