ملڪ ۾ قابل ماڻهو ويٺا آهن، نواز شريف آخري اميد ناهي: مفتاح اسماعيل

لاهور (م ڊ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته 24 ڪروڙ آبادي ۾ نواز شريف پاڪستان لاءِ آخري اميد ناهي، پاڪستان ۾ ٻيا به  قابل ماڻهو آهن، هو منهنجو هيو، آهي ۽ رهندو. الحمرا هال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته ٻين سياستدانن سان ظلم ڪرڻ سٺي ڳالهه ناهي، اسحاق ڊار مون تي ٻاهر ويهي تنقيد ڪندو هو، هو ناڻي وارو وزير بڻيو ته مان به تنقيد ڪئي، پارٽي کي سوچڻ گهرجي ها ته جڏهن اسحاق ڊار کي مون تي تنقيد جو اختيار آهي ته مون کي به آهي. هن چيو پي ٽي آءِ کي نشان نه ڏنو ويو ته چونڊون تڪراري ٿي وينديون، سڀني پارٽين کي چونڊن ۾ کلي کيڏڻ جو موقعو ملڻ گهرجي، 2018 جون چونڊون شايد ن ليگ کٽي وڃي ها، ڪجهه ماڻهن پي ٽي آءِ کي سپورٽ ڪيو، اسان جا بئنر لاٿا ويندا هئا. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني سياستدانن کي جيل ۾ وڌو، ماڻهن کي بي ڏوهه جيلن ۾ وڌو ويندو هو، شاهه محمود قريشي 70 ورهين جو آهي، ان سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.