ذوالفقار ۽ فهميده مزرا پاران ٽربيونل جي فيصلي خلاف درخواستون داخل

ڪراچي (رپورٽر ) ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواستون داخل ڪري ڇڏيون آهن. ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا طرفان سندس پٽ حسنين مرزا عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ريٽرننگ  آفيسر ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا، جنهن کي اليڪشن ٽربيونل به برقرار رکيو. حسنين مرزا درخواست ۾ چيو آهي ته بينڪ ڊفالٽ ڄاڻائي ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا کي اليڪشن لاءِ نااهل قرار ڏنو. واضح رهي ته اين اي 223 تان ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جڏهن ته ذوالفقار مرزا به پي ايس 70، 71 ۽ 72 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.