سنڌ ۾ صاف پاڻي جي کوٽ سبب ڪارو ڪامڻ سنگين ٿيندو پيو وڃي: مبين جماڻي

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران صوبائي وزير محمد مبين جماڻي چيو آهي ته  سنڌ جو عوام پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ واري مسئلي  کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن ڪري هيپاٽائيٽس جو مسئلو سنگين ٿيندو پيو وڃي، جڏهن ته ڳوٺن ۾ اکين جون بيماريون به وڌي رهيون آهن. اھڙيون ڳالھيون نگران صوبائي وزير بلديات، هائوسنگ، ٽائون پلاننگ ۽ بحالي سنڌ محمد مبين جماڻيءَ سنڌ حڪومت جي بحالي واري کاتي پاران سنڌ صوبي جي وڌيڪ 5 ضلعن خيرپور ميرس، نوابشاهه، نوشهروفيروز، ٽنڊو محمد خان ۽ شهيد بينظير آباد کي ميڊيڪل هيلٿ ڪيئر يونٽ حوالي ڪرڻ واري  منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيون. نگران صوبائي وزير مبين جماڻي وڌيڪ چيو تھ ريسڪيو 1122 بحالي کاتي جي ماتحت صوبي جي عوام خاص ڪري ڪراچي شهر لاءِ جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي اهو نه رڳو ساراهه جوڳو پر هڪ تحفو آهي، ھن چيوتھ پاڪستان پيپلز پارٽي صوبي اندر ڪم ڪيو آھي، پر اسان جن منصوبن جو افتتاح ڪري رهيا آهيون انهن ۾ اڄوڪو پراجيڪٽ به گذريل حڪومت جي منصوبن جو تسلسل آھي. ھن چيو تھ ڪنهن تي الزام هڻڻ آسان آهي پر اھو ثابت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.  ھن چيو تھ نگران صوبائي حڪومت صوبي ۾پرامن ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.