چڪ ۾ جي يو آءِ اميدوارن جي ورڪ دوران خوشي ۾ فائرنگ، ٻارڙي زخمي

چڪ(رپورٽ:نواب الدين مھر)چڪ ڀرسان جي يو آءِ  جي اميدوارن جي ورڪ دوران  خوشيءَ ۾ ڳوٺاڻن جي فائرنگ، 8 سالا نينگري زخمي، اسپتال منتقل. آءِجي سنڌ نوٽيس ورتو، ڊي آء جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بيچانجي ۾ جي يو آءِ جي اميدوارن مولانا راشد محمود سومرو. ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ۽ ٻين طرفان اليڪشن ورڪ جي آمد جي خوشيءَ ۾ ڳوٺاڻن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 8 سالا ٻارڙي شازيه ڌيءَ مٺل مڱڻھار گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آء لاڙڪاڻي کان رپورٽ پڻ گهري ورتي آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس پڻ داخل نه ٿي سگهيو.سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته نينگري فوت ٿي وئي آهي، جنهن جي آزاد ذريعن کان تصديق ناهي ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.