پيٽرول ڏهه رپين تائين سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ ۽ انٽربينڪ ۾ ڊالر جي لاڳيتو سستو ٿيڻ سبب 16 جنوري کان پاڪستان ۾  پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ به وڏي لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. رپورٽن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمتن ۾ لاٿ ٿي آهي ۽ انٽربينڪ ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ لاڳيتو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پيٽرول جي خريداري تي پريميم به گهٽ ٿيو آهي. مارڪيٽ ذريعن موجب گذريل 2 هفتن دوران عالمي سطح تي پيٽرول جي قيمت 84.50 ڊالر في بيرل کان گهٽ ٿي 83 ڊالر في بيرل تي اچي وئي آهي. جڏهن ته ڊيزل 97 ڊالر في بيرل مان گهٽ ٿي 95.85 ڊالر في بيرل تي اچي ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته قيمتن ۾ 10 روپين تائين لاٿ جو امڪان آهي. پيٽرول گهٽ ۾ گهٽ 9 روپيه في ليٽر ۽ ڊيزل 2 روپيه في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي. گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمتن ۾ به تقريبن 2 روپيه في ليٽر لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.