راولپنڊي (م ڊ ) خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن مختلف ڪارروائين ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڳجهي اطلاعن تي آپريشن ڪيا ويا. اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ دهشتگرد ڪمانڊر تبسم عرف قادرمان ۽ ساٿي ساجد عرف سرڪندي مارجي ويا. بيان ۾ چيو ويو ته ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ به سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود به مليو، جيڪي سيڪيورٽي فورسز تي حملن، شهرين کان ڀتي خوري ۽ انهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا.