بخشاپور لڳ ڦلواڻي ۽ بڊاڻي ڊومڪي ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

بڊاڻي (رپورٽ: مقبول مڙل) بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ لطف علي ڊومڪي ۾ ڦُلواڻي ڊومڪي ۽ بڊاڻي ڊومڪي تڪرار هڪ ڀيرو ٻيھر ڪر  کنيو آهي، خوني تڪرار تان ٻنھي ڌرين ۾ جديد ھٿيارن سان فائرنگ جي نتيجي ۾ بڊاڻي ڌر جو 50 ورهين جو پيرسن عبدلنبي ڊومڪي بڊاڻي گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو. جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي. پوليس جو چوڻ آهي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪيترن ئي سالن کان تڪرار هلندڙ آهي،  جنهن سبب هي واقعو پيش آيو آهي. ياد رهي ته ڦُلواڻي ڊومڪي ۽ بڊاڻي ڊومڪي برادري وچ ۾ تڪرار سبب ھن وقت تائين 13 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.