ڪراچي کانسواءِ سڄي سنڌ ۾ ميدان ناهن:جنيد ميمڻ

حيدرآباد: ايڇ ايل ايف ۾ راندين جي حوالي سان “سليڪشن ڪرائيٽيريا فار نيشنل ڪرڪيٽ ٽيم” جي موضوع تي ويھڪ ٿي، جنھن جو ماڊريٽر جنيد ميمڻ ھو ۽ ھن ڳالھائيندي چيو ته اسان جو نوجوان بهتر انداز ۾ ڪرڪيٽ  نٿو کيڏي، گرائونڊن جي کوٽ آهي، صرف ڪراچي کانسواءِ سڄي سنڌ ۾ گرائونڊ ناهن، اڪيڊمين جي کوٽ آهي، سنڌ پريميئر ليگ کي اسان اون ناهي ڪيو، حڪومتي سطح تي مالڪي ناهي. پاڪستاني وومين ڪرڪيٽر ساجده شاهه چيو ته نياز اسٽيڊيم ۾ ٽرائل هو، 250 ڪرڪيٽرن مان آئون سليڪٽ ٿيس، جنهن کانپوءِ ڪراچي جي ڪئمپس ۾ کيڏڻ کانپوءِ قومي ٽيم ۾ پرفارم ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ مئچن ۾ عالمي رڪارڊ قائم ڪيا. هن چيو ته سنڌ ۾ ٽئلنٽ موجود آهي، اڪيڊمين جي شديد کوٽ آهي، پرويز چانڊيو چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ هڪ مائينڊ سيٽ آهي، جيڪي سمجهن ٿا ته سنڌين ۾ ڪرڪيٽ جي صلاحيت جي کوٽ آهي، زاهد محمود پهريون سنڌ ڄائو آهي، جنهن ملڪ جي 70 سالن جي تاريخ ۾ ٽنهي فارميٽ ۾ پرفارم ڪيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.