پاڻ کي هٿرادو ذهانت جي قابل نه بڻائيندڙ بيروزگار ٿيندو: انجنيئر راحيل سرور

حيدرآباد: لٽريچر فيسٽيول ۾ “آرٽيفشل انٽيليجينس (هٿرادو ذهانت)” جي موضوع تي ٿيل ويھڪ ۾ ڳالهائيندي انجنيئر راحيل سرور چيو تھ هٿرادو ذهانت روزگار جا ذريعا وڌائي ٿي، پر جيڪو پاڻ کي هٿرادو ذهانت واري دور جي قابل نھ بڻائيندو اهو بيروزگار ٿيندو، مصنوعي ذهانت جي ذريعي وقت بچائي سگهجي ٿو، مشينون انسانن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيون آهن، جيڪي سکڻ جي ڪوشش نھ ڪندا اهي پوئتي رهجي ويندا. آئي ٽي جي ماھر اسامه علي چيو تھ انسان پھرين ڏينھن کان پنهنجي ڪم کي آسان ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان جدوجهد ۾ جديد ٽيڪنالوجي جي انقلاب تائين پهتو آهي، انسان آرٽيفشل انٽيليجنس جي ذريعي پنهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته ماضيءَ ۾ جن ٽائپ رائٽرن پاڻ کي ڪمپيوٽر ڏانهن نه آندو اهي بيروزگار ٿي ويا، چيو وڃي ٿو جديد ٽيڪنالوجي ماڻهن جا روزگار ختم ڪري ڇڏيا آهن، پر ائين ناهي جديد ٽيڪنالوجي ماڻهن جي لاءِ روزگار جي ذريعا پيدا ڪيا آهن. آئي ٽي جي ماهر فراز حسين ٻرڙو چيو ته مصنوعي ذهانت واري دور ۾ اڪثر ادارا ۽ ماڻهو آرٽيفشل انٽيليجنس کي پنهنجي ذاتي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.