سوشل ميڊيا دور ۾ نوجوان کي ڪتابن ڏانهن مائل ڪرڻو پوندو: پروفيسر ادريس سومرو

حيدرآباد: ايڇ ايل ايف ۾ “پڙهندڙ ئي اڳواڻ هوندا آهن، سنڌ ۾ لائبريرين جو ڪردار” جي موضوع تي ويھڪ ٿي، جنھن جو ماڊريٽر پرويز ٻانڀڻ ھو . ان موقعي تي پروفيسر محمد ادريس سومرو قاسميه چيو تھ قاسميه لائبريري ڪنڊيارو ۾ آهي، لائبريريون هر ضلعي، شهر ۽ علائقن ۾ آهن، خانداني روايت جي ڪري ڪتابن سان تعلق رهيو آهي، آئون ننڍي هوندي ڊرائنگ سٺي ڪندو هئس، هن وقت 50 هزار ڪتاب لائبريري ۾ موجود آهن. هن چيو ته لائبريرين جو شوق هن وقت به موجود آهي، لائبريري ۾ موجود 50 هزار ڪتابن مان 25 هزار سنڌي ڪتاب موجود آهن. هن چيو ته سوشل ميڊيا جي دور ۾ نوجوان کي ڪتابن ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ ماحول ڏيڻو پوندو، پنهنجي اولاد ۽ نوجوانن کي ڪتابي ماحول ڏئي شوق پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. قادرداد خشڪ چيو تھ ڪتاب کي عبادت سمجهان ٿو، حشو ڪيولراماڻي جي نالي سان جوڙيل لائبريري جي 5 سئو ڪتابن کان شروعات ڪئي، سڄي ملڪ ۾ پوليس جي نوڪري ڪئي آهي، ڊيوٽي کانپوءِ جو وقت لائبريري ۾ مشغول ھوندو آھيان. هن چيو ته لائبريري هلائڻ جو ڪم پگهاردار نٿو ڪري سگهي، آئون پنهنجي لائبريري ۾ ايندڙ نوجوانن کي 3 کان 4 ڀيرا چانھھ پياريندو آهيان، اڄ جو نوجوان پڙهي ٿو، انهن جي اسٽڊي ڪمال جي آهي، لائبريرين مان پراميد آهيان. انجنيئر سنجي راجا چيو تھ 2020ع ۾ ڪورونا دوران ماڻهو پريشان هئا، پنهنجي گهرن تائين محدود هئا، ان دوران هڪ تصور ذهن ۾ آيو تھ ڇو نه ڪتابن جي پڙهندڙن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪجي. سنڌ ريدس 30 کان 45 هزار مفت ڪتاب ڏئي چڪا آهيون، ان جو مقصد نوجوانن ۾ ڪتابن پڙهڻ جو شوق وڌائڻ آهي، باڊهه ۾ سيلون جي دڪانن ۾ ڪتابن جا ڪارنر قائم ڪيا آهن، جيئن ماڻهو پنهنجا وار ۽ ڏاڙهي ٺهرائڻ جي انتظار دوران ڪتاب پڙهن. هن چيو تھ ڪميونٽي بيسڊ لائبريريون قائم ڪيون ويون آهن، 30 کان 35 شهرن ۾ ڪاليجن ۽ اسڪولن سميت ڪميونٽي بيسڊ لائبريريون قائم ڪيون آهن، سعد ميمڻ چيو تھ اهي قومون جيڪي پڙهنديون آهن، اهي ئي حڪمراني ڪنديون آهن، هن وقت سڄي دنيا ۾ پڙهندڙن ۾ آمريڪا، چائنا ۽ انڊيا سڀني کان اڳتي آهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۽ ايگريڪلچر يونيورسٽي سميت ٻين يونيورسٽين جي ڪيترين ئي ڪئمپسز ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ سان گڏ ڪتاب مهيا ڪيا آهن. غلام حيدر خاصخيلي چيو تھ جهول جي مير الله بخش لائبريري 59ع ۾ قائم ڪئي وئي، 15 هزار ڪتاب لائبريري ۾ موجود هئا، اسٽڊي سرڪل سميت ليڪچر پروگرام منعقد ڪيا، لائبريري کي جهول ادبي سنگت جا دوست پنهنجي مدد پاڻ تحت هلائي رهيا آهن، لائبريري ۾ ضرورت مطابق سولر سسٽم پڻ لڳل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.