نارووال(م ڊ)پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪاميابي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جو سبب بڻجي سگهي ٿي.پي پي 54 ظفروال تي ن ليگ جي چونڊ مهم دوران ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته 2018ع ۾ چند ججن ۽ جنرلن پي ٽي آءِ جو بنياد وڌو.هن چيو ته 2018ع ۾ جنهن شخص کي يوسي هلائڻ جو تجربو به نه هو ان کي حڪومت ملي، سازش تحت پي ٽي آءِ جي باني کي صادق، امين قرار ۽ نواز شريف کي نااهل ڪيو ويو.