بلاول جي منشور ۾ روزگار، تعليم، صحت ۽ ٻين مسئلن جو حل آهي: شازيه مري

سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ)  اڳوڻي وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو آهي ته  پيپلز پارٽي نوجوانن جي پارٽي آهي. جنهن جي اڳواڻي نوجوان بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن لاءِ بهترين پروگرام ترتيب ڏنو آهي. جنهن سان نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. وفاقي حڪومت ٺاهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وسيع ڪنداسين، هن وقت 2.9 ملين عورتون ان پروگرام مان فائدو حاصل ڪري رهيون آهن.اڳوڻي وفاقي وزير شازيه عطا مري سندس حق ۾ هٿ کڻندڙ نجم شاهه سان گڏ سانگهڙ ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي نجم شاهه چيو ته مان بلاول ڀٽو زرداري جي پروگرام کان متاثر ٿي پ پ اميدوار جي حق ۾ هٿ کنيو آهي. سانگهڙ ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 209 جي اميدوار شازيه عطا مري جي ٻيراڻي هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته سانگهڙ ضلعي ۾ هڪ ئي پارٽيءَ جي هڪ هٽي هئي، جنهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ختم ڪيو، اسان عوام جي خدمت ڪئي اڇڙو ٿر کي پيئڻ جو صاف پاڻي ڏنو  آهي. آصفه ڀٽو زرداري جو سانگهڙ جو دورو ڪامياب رهيو، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي منشور ۾ روزگار، مفت بجلي، ڪچي آبادي کي ريگيولر ڪرڻ، تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي مسئلن جو حل شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.