لکي غلام شاهه مان 2 ڄڻا اغوا، وارثن کان 30 لک رپيا طلب

لکي غلام شاهه (رپورٽ : نديم جان مهر) لکي غلام شاهه جي چڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوڀو مهر واسي نوجوان اعجاز احمد مھر ڳوٺ ٻڌ واسي نوجوان  منصور احمد مھر ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني گم آهن جڏهن ته وارثن ڀنگ لاءِ فون اچڻ بعد اغوا جي تصديق ڪندي چڪ ٿاڻي تي اطلاع ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان مال جي واپار لاءِ گهران نڪتا هئا.جيڪي ٽن ڏينهن کان فون بند هئڻ ڪري وارث پريشان آهن. مبينا طور فون اچڻ بعد اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي، جاچ ڪري رهيا آهيون. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته پراسرار نموني گم ٿيل نوجوانن اعجاز احمد مھر ۽ منصور احمد مھر جي وارثن کي 30 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.