ڪراچي ۾ رٽائرڊ پوليس اهلڪار جي گهر مان چوري، سندس پٽي ڀائي چور نڪتا

ڪراچي ( رپورٽر ) سي ٽي ڊي آپريشن سنڌ جي اهلڪارن 29 نومبر تي سعيد آباد ٿاڻي جي حد بلديا ٽائون ۾ رٽائرڊ پوليس اهلڪار بشير  سين جي گهر تي ڇاپو هڻي سندس پٽ تي تشدد ڪري رٽائرڊ پوليس اهلڪار جي گهر مان 9 ايم ايم پسٽل، سونا زيور ۽ 2 لک روڪ رقم هٿ ڪري ورتي.  رٽائرڊ پوليس اهلڪار جي گهر تي ڦر جي واقعي ۾ ملوث سي ٽي ڊي اهلڪارن کان لکت ۾ جواب طلب ڪيو ويو، جيڪو مقرر وقت ۾ نه ڏئي سگهيا. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ رٽائرڊ پوليس اهلڪار جي گهر ۾ ڦر جي الزام ۾ سي ٽي ڊي پوليس جي هڪ انسپيڪٽر سيد محمد سرفراز ريٽائرڊ ۽ 4 پوليس اهلڪار هيڊ ڪانسٽيبل عمران علي، پوليس ڪانسٽيبل راجا عمير، سعادت مروت ۽ پوليس ڪانسٽيبل سڪندر خان کي  ڪري برطرف ڪري ڇڏيو.  ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف ڦرلٽ جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي، جن کي جبري رٽائر ڪري نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو ۽ ڦر جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.