جماعت اسلامي طرفان ڪراچي ۾”غزا ملين مارچ“ اڄ ٿيندو

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي طرفان غزه ۾ اسرائيلي درندگي ۽ فلسطيني مظلوم عوام سان اظهار يڪجهتيءَ لاءِ غزا ملين مارچ اڄ آچر14  جنوري تي منجهند 3وڳي شاهراه فيصل تي ٿيندو. سنڌ جي ترجمان مجاھد چنا موجب امير ڪراچي حافظ نعيم الرحمن جي قيادت ۾ ٿيندڙ غزا مارچ ۾ مرد عورتون ٻارڙن سميت مختلف ديني ۽ سياسي سماجي اڳواڻ شرڪت ڪندا. ان حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. شهر جي بَرک عالمن مُفتي تقي عثماني، مُفتي منيب الرحمن سميت ڪيترن ئي عالمن مارچ جي حمايت ۽ عوام کي ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي آهي.هوڏانهن جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ غزه ملين مارچ کي اُمت جو آواز قرار ڏيندي عوام کي ڀرپور شرڪت جو سڏ ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته قابض  اسرائيلي رياست غزا کي 105 ڏينهن جي جنگ ۾ مٽيءَ جو ڍير ۽ 23هزار ماڻهو شهيد، لکين بي گهر ڪري ظلم ۽ ڏاڍ جا سڀئي ليڪا لتاڙي پوري انسانيت کي شرمائي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.