ايل پي جي اگهه ۾ 40 رپيا في ڪلو واڌ، شھري پريشان

ڪراچي (رپورٽر ) گيس جي ھٿراڌو کوٽ پيدا ڪري اگهن ۾ ناجائز وڌا ڪئي وئي آهي جڏهن ته ايل پي جي گيس مارڪيٽ ۾ بليڪ تي وڪرو ٿي  رھي آھي.  سروي موجب ايل پي جي ڊيلرن پاران ايل پي جي گيس جي اگهن ۾ بنا ڪنهن سبب جي واڌ ڪئي وئي آھي، اوگرا پاران جنوري لاءِ 3026 رپيا   گهريلو گيس سلينڊر ۽ 256 رپيا في ڪلوگرام سرڪاري اگهه مقرر ڪيو هو. مافيا پاران ايل پي جي گيس جي قيمت ۾ غير قانوني طور تي ڪيل واڌ کان پوءِ مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندڙ ايل پي جي گيس جي قيمت 3000 رپين تائين پھچي چڪي آھي، جنھن ڪري گھريلو سئلنڊر 3450 رپين کان 3550 رپين تائين وڪرو ٿي رھيو آھي.ايل پي جي گيس جي قيمتن ۾ عوام کان ٿيندڙ ڦرلٽ تي اوگرا  توڙي حڪومت خاموش تماشائي ۽ بي وس بڻيل آھي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪٿي به گئس سرڪاري اگهه تي موجود ناھي. ايل پي جي جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ ھٿراڌو واڌ خلاف شھرين احتجاج ڪندي غيرقانوني قرار ڏنو آھي ۽ چيو آھي تھ اهو سڀ ڪجهه اوگرا ۽ سرڪاري ادارن جي ملي ڀڳت سان ٿي رهيو آهي. مافيا پاران صارفين تي ڪروڙين رپين جو اضافي بار وڌو پيو وڃي. شھرين حڪومت کان سوال ڪيو تھ ھٿراڌو گيس مھاندي ڪندڙ ايل پي جي وينڊرز ۽ ڊيلرن جو احتساب ڇو نٿو ڪيو وڃي. شھرين حڪومت کان مطالبو ڪيو تھ ايل پي جي گيس جي قيمت ۾ غير قانوني طور تي واڌ ڪندڙ ڌاڙيلن جي روپ ۾ مافيا ۽ ان جي ساٿاري بڻيل اوگرا خلاف سخت ڪارراوئي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.