اڳوڻي صوبائي وزير راجا بشارت جي اڻڄاتل شخص پارٽي ٽڪيٽ کسي فرار

راولپنڊي (م ڊ) اڻڄاتل شخص اڳوڻي صوبائي وزير راجا بشارت جي پارٽي ٽڪيٽ کسي فرار ٿي ويو. راولپنڊي ۾ شڪي شخص اين اي 55 جي آر او واحد ڊوگر جي اسٽاف کان فائل کسي فرار ٿيو، وڪيل احمد راجا ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته اسان مڪمل فائل آر او واحد ڊوگر جي اسٽاف ميمبر وحيد کي جمع ڪرايو،آر او اين اي 55 واحد ڊوگر جي آفيس ۾ وحيد نالي اسٽاف ميمبر موجود هو. هن ٻڌايو ته پوليس جي موجودگي ۾ اڻڄاتل شخص پارٽي ٽڪيٽ کڻي فرار ٿيو، شڪي شخص کي روڪيو ويو پر ڪجهه دير کانپوءِ اڻڄاتل ماڻهو کيس ڇڏائي ويا، شڪي شخص جي وڊيو ٺاهيندڙ شخص کان موبائل فون به کسي وئي.

چونڊن ۾ هڪ ڪلاڪ به دير نه ٿيڻ گهرجي: سعد رفيق

لاهور(م ڊ)مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اين اي 122 جي اميدوار خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ڌرڻا نه هجن ها ته پاڪستان ٽريڪ تي چڙهي وڃي ها.لاهور ۾ ڪارنر  ميٽنگ کي خطاب ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته هو چاهين ٿا ته چونڊون 8 فيبروري کان هڪ ڪلاڪ به دير نه ٿين.هن چيو ته واضح ٿيڻ گهرجي  خيرات پنڻ  سان ملڪ نٿو هلي سگهي.

گوجرانوالا ۾ پي ٽي آءِ اميدوارن کي الڳ الڳ چونڊ نشان الاٽ

گوجرانوالا(م ڊ)گوجرانوالا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوارن پي ٽي آءِ نظرياتي ٽڪيٽون واپس وٺڻ لاءِ درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.پي ٽي آءِ اميدوارن پاران ريٽرننگ آفيسرن وٽ درخواستون  جمع ڪرايون ويون. جنهن ۾ چيو ويو ته آزاد اميدوار جو نشان الاٽ ڪيو وڃي.پي ٽي آءِ اميدوارن جي درخواست تي رٽرننگ آفيسرن آزاد نشان الاٽ ڪيا.قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 79 تان پي ٽي آءِ اميدوار راڻا ساجد شوڪت چونڊ نشان جي وڪيٽ حاصل ڪئي.پي ٽي آءِ اميدوار ارقم خان کي ريڪٽ چونڊ نشان مليو. اين اي 66 تان پي ٽي آءِ اميدوار احمد چشتي کي پيالو چونڊ نشان الاٽ ڪيو ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي هڪ ٻئي اميدوار سهيل ظفر چيما کي به پيالو چونڊ نشان الاٽ ڪيو ويو.تحريڪ انصاف جي اميدوار ناصر چيما کي رولر ڪوسٽر چونڊ نشان الاٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار بلال ناصر چيما کي اسٽيبلائزر ۽ پي ٽي آءِ اميدوار آصف کي ٽيبل نشان ڏنو ويو آهي.

ڇپائي بعد بيلٽ پيپر پهچائڻ جي ذميواري ڊي آر اوز جي آهي: ترجمان

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) ترجمان بيلٽ پيپرز جي ترسيل بابت ڪجهه اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب ڪجهه اخبارن ۾ بيلٽ پيپرز جي ڊي آر او  آفيسن تائين پهچائڻ دوران سڪيورٽي بابت خبرون شايع ٿيون. ترجمان موجب بيلٽ پيپرز کي ڇپائي بعد ڊي آر او آفيسن تائين پهچائڻ جي ذميواري لاڳاپيل ڊي آر اوز يا انهن جي نامزد اهلڪارن جي هوندي آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب ڊي آر اوز پنهنجي نگراني ۾ پوليس اهلڪارن جي حفاظت هيٺ بيلٽ پيپرز جي محفوظ منتقلي کي يقيني بڻائين.ترجمان موجب ڪجهه هنڌن تي صورتحال جي سنگين صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪ فوج جا جوان بيلٽ پيپرز پهچائڻ دوران سڪيورٽي پڻ فراهم ڪند ا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.