اسڪولن ۾ فرنيچر جي رقم ڪرپشن جي ور چڙهي وئي: جسٽس صلاح الدين پنهور

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) تعلقي سنڌڙي جي گرھوڙ شريف جي ھاءِ اسڪول جو  سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جو اوچتو دورو دوري دوران اسڪول ۾  فرنيچر جي کوٽ سبب اسڪول جي شاگردن ۽ شاگريادڻين کي پٽ تي ويهي تعليم  حاصل ڪندي ڏسي افسوس جو اظھار ڪندي هن چيو ته فرنيچر جي رقم ڪرپشن جي ور چڙھي وئي آھي، اسڪولن جي حالت ڏسي لڳي ٿو ميرپورخاص ضلع کي فرينچر فراهم ئي نه ڪيو ويو آهي ۽ عمرڪوٽ ضلع ۾  غير معياري فرنيچر  مهيا ڪيو ويو  جنهن کي  واپس ڪرائي رهيا آھيون هن چيو ته فرنيچر جو ڪيس ھاءِ ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي، اسان جي ڪوشش آھي ته اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي حڪومت کان تعليم جون بهتر سهولتون فراهم ڪرايون وڃن هن چيو ته تعليم کان سواءِ ڪو به ملڪ ۽ معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي ان ڏس ۾ والدين کي به پنهنجيون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن ۽ پنهنجن ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪولن ۾ لازمي داخل ڪرائين ان موقعي تي ٽي اي او  امير بخش پنهور جسٽس کي آگاهي ڏيندي چيو ته  هن اسڪول کي علم دست ماڻھن پاران فرنيچر مليل آھي سرڪار جي طرفان ڪجھ ناھي مليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.