اڪنامسٽ ۾ ڇپيل آرٽيڪل وڪيلن کي زباني ٻڌايو، ٽڪيٽن جي ورڇ بابت معلومات ناهي;عمران خان

راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف باني عمران خان ٽڪيٽ نه ملڻ تي دانهيندڙ ڪارڪنن کي چيو آهي مون کي ناهي خبر ته ڪنهن کي ٽڪيٽ ملي ڪنهن کي نه، زباني طور ڪيئن ٿو فيصلو ڪري سگهان؟ اسلام آباد  جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير تحريڪ انصاف باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف توشا خانا ريفرنس ڪيس ۾ وڌيڪ 5 شاهدن جا بيان قلمبند ڪري ورتا. عدالت وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اڊيالا جيل ۾ توشا خانا ريفرنس جي اوپن ٽرائل ٻڌڻي هئي ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن به اتي پهچي ويا، هنن ٽڪيٽن جي غير منصفاڻي ورڇ تي عمران خان سامهون شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. عمران خان چيو ته مون کي ٽڪيٽن بابت مشاورت جي اجازت نه ڏني وئي، مون کي خبر ناهي ته ڪنهن کي ٽڪيٽ ملي ڪنهن کي نه، ساڍا 8 سئو ٽڪيٽن بابت زباني طور ڪيئن ٿو فيصلو ڪري سگهان؟ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جو چوڻ آهي ته هن پرڏيهي جرنل (دي اڪانومسٽ) ۾ شايع ٿيل آرٽيڪل کي زباني طور تي وڪيلن کي ٻڌايو هو ته منهنجي وي لاگز مان باقي شيون کڻڻ جي هدايت ڪئي هئي. اڊيالا جيل ۾ عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هو جيڪو به ڪن ٿا، آخري دم تائين وڙهنداسين. پي ٽي آءِ جي باني کان پڇيو ويو ته مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آرٽيڪل آرٽيفيشل انٽيليجنس لکيو آهي. ان تي عمران خان چيو ته جيل مان هڪ ڪاغذ به آزاد نه ٿو ٿي سگهي، وڪيلن کي آرٽيڪل ڊڪٽيٽ ڪيو ويو، کين هدايت ڪئي وئي ته منهنجي ويلاگز مان باقي شيون کڻي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.